لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز سياسي انتقام تي يقين نه رکندي آهي، سياسي قيدي نه هوندا، طلال چوڌري چيو ته جنهن ڪنهن به ڏوهه ڪيو آهي، اهو جيڪو به هجي، ان کي سزا ملڻ گهرجي، اهو ناممڪن آهي ته 9 مئي يا ٻيا ڏوهه سياستدان هجڻ جي بنياد تي معاف ڪيا وڃن.طلال چوڌري چيو آهي ته مريم نواز سماجي خدمتن، عورتن، ٻارن ۽ امن امان تي ڌيان ڏيندي.هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ صحت ڪارڊ، تعليم ۾ سڌارا، يوٿ پروگرام سڀ ڪجهه مريم نواز جي قيادت ۾ ٿيا.هن چيو ته ن ليگ هميشه واعدو ڪيو آهي ته نواز شريف يا سندس نامزد ڪيل وزير اعظم هوندو، شهباز شريف جي نامزدگي جو اعلان نواز شريف ڪيو آهي.










