مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد

مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد

سکر )اسٽاف رپورٽر)سکر جي ضلعي عدالت ن ليگ اڳواڻ مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.تحريڪ انصاف جي ضلعي صدر ايڊووڪيٽ ظهير بابر درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته مريم نواز سرگوڌا ۾ پاڪ فوج ۽ عدليه جي توهين ڪئي آهي، مريم نواز خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته قانون موجب سرگوڌا جي عدالت ۾ ڪيس جي درخواست داخل ڪري سگهجي ٿي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو هاڻي ٻڌايو ويو آهي. ايڊيشنل اينڊ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ممتاز سولنگي مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو