مريم نواز خاندان سان گڏ عمري لاءِ سعودي عرب پهچي وئي

مريم نواز خاندان سان گڏ عمري لاءِ سعودي عرب پهچي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز پنهنجي خاندان سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهچي وئي.ذريعن موجب مريم نواز سان گڏ سندس ٻه ڌيئرون ماه نور ۽ مهر نسا، مريم جو مڙس محمد صفدر، پٽ جنيد ۽ ناٺي عائشه سيف به گڏ آهن.ان کانسواءِ ڊاڪٽر عدنان، چوڌري منير، راحيل منير، شيخ آصف ۽ مرزا جاويد به مريم نواز سان گڏ آهن. ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اربع تي لنڊن کان جده پهچڻ جو امڪان آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز سعودي عرب ۾ شاهي خاندان جا خاص مهمان هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم ۽ نواز شريف شاهي قيادت سان به ملاقاتون ڪندا، وزيراعظم شهباز شريف جو خاندان اڳ ئي جده ۾ موجود آهي، جڏهن ته وزيراعظم جي 26 رمضان تي سعودي عرب پهچڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو