لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پاران جمع ڪرايل 7 ڪروڙ جي واپسي لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي آهي.چيف جسٽس عاليا نيلم جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ 11 مئي تي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي.عدالت قومي احتساب بيورو (نيب) کان حلف نامو پڻ طلب ڪيو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چوڌري شوگر ملز ريفرنس ۾ ضمانت طور 7 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا ويا هئا، جڏهن ته، نيب هاڻي چوڌري شوگر ملز ڪيس بند ڪري ڇڏيو آهي.درخواستگذار درخواست ڪئي آهي ته عدالت هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل 7 ڪروڙ جي واپسي جو حڪم ڏئي.










