مريم جي ارشد سان ملاقات، 10 ڪروڙ جو چيڪ ۽ گاڏي حوالي

مريم جي ارشد سان ملاقات، 10 ڪروڙ جو چيڪ ۽ گاڏي حوالي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي 10 ڪروڙ روپين جو چيڪ ۽ گاڏي تحفي ۾ ڏئي ڇڏي.رپورٽ موجب پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز هيليڪاپٽر جي ذريعي ميان چنون جي ڏوراهين ڳوٺ ۾ اولمپين ارشد نديم جي گهر پهتي جتي اولمپين ۽ ان جي گهر ڀاتين سندس استقبال ڪيو. وزيراعليٰ مريم نواز ارشد نديم جي والده رضيه پروين کي گلي لڳائي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ پاڻ سان گڏ ويهاريو جڏهن ته گهر ڀاتين سان گڏ تصويرون ۽ سيلفيون به ڪڍرايون.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز اولمپين ارشد نديم کي 10 ڪروڙ روپين جو چيڪ پيش ڪيو جڏهن ته هنڊا سوڪ گاڏي به تحفي ۾ پيش ڪئي، هن جيولين تهرو اسپيشلسٽ جي ڪوچ سلمان اقبال بٽ کي به 50 لک روپين جو چيڪ ڏنو.ان موقعي تي مريم نواز چيو ته قوم کي ارشد نديم بي مثال خوشي سان همڪنار ڪيو جڏهن ته اولمپين جي والد وزيراعليٰ جي پهچڻ کي عزت افزائي قرار ڏنو.مريم نواز سان گڏ سينئر وزير مريم اورنگزيب، راندين وارو وزير فيصل ايوب کوکر، خاص مددگار ذيشان ملڪ سميت ٻيا ميمبر به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو