تحرير قاضي وحيد
تازو جيڪا پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پي ڊي ايم ۾ تمام گهڻي ويجهڙائپ نظر اچي رهي آهي انهي ۾ لازمن انهن سمورن سياسي پارٽين جو واضع ۽ کليل موقف رهيو آهي ته ڪهڙي به طرح هن ملڪ مان مهانگائيءَ جون پاڙون پٽڻ لاءِ هڪ موثر قسم جي ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي وڃي جنهن ۾ مخالف پي ڊي ايم جي سمورين سياسي پارٽين ۽ مذهبي جماعتن متحد ۽ منظم انداز ۾ هڪ بڻجي جيڪو پنهنجي سگهاري قوت جو مظاهرو ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن جلسن ۾ ڪري ڏيکاريو آهي جن ۾ پشاور، ملتان، ڪوئيٽا، لاهور سميت ٻين شهرن ۾ وڏا احتجاجي ميڙاڪا ڪيا آهن انهي ۾ ڪو شڪ ناهي پر اڪثر تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪو 27 ڊسمبر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسيءَ جي موقعي تي پي ڊي ايم سنڌ جي سرزمين ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ( لاڙڪاڻو ) ۾ پنهنجو پاور شو ڪيو آهي انهي کي هڪ يادگار اجتماع چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهي ۾ نه رڳو پيپلز پارٽي جا ڪارڪن، ورڪر ۽ جيالا شامل رهيا پر انهي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي بين الاقوامي شخصيت ، عالمي سياسي مدبر جي ورسيءَ ۾ هرهڪ سياسي پارٽي جي ورڪرن به وڏي چاهه سان شرڪت ڪري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ دفن ٿيل عظيم شخصيتن کي عقيدت ڀريو سلام پيش ڪيو ويو، پي ڊي ايم جي سموري قيادت لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو پاڻ سمورا معاملات سنڀاليندي سنڌ جي مهمان نوازي مطابق هرهڪ جي آجيان ڪندو رهيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي مرڪزي نائب صدر ميڊم مريم نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ اها ڳالهه ورجائي ته مان جڏهن سکر مان پنهنجي مسلم ليگ نواز “ پارٽي ڪنوينشن” بعد دير سان رات جو ڏيڍ وڳي نئون ديرو هائوس پهتس ته منهنجي آڌرڀاءَ لاءِ انهي ڪمهلي سرديءَ واري ٽائيم ۾ به ادي فريال ٽالپر، ڀاءُ بلاول ۽ آصفه ڀٽو زرداري بيٺا رهيا ۽ منهنجي آجيان ڪئي وئي. اها ڳالهه مونکي سنڌ جي سياستدانن ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڏاڍي سٺي ۽ بهترين لڳي، پاڪستان مسلم ليگ نواز جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز شريف اهڙي طرح سنڌ جي ماڻهن جي مهمان نوازي جي تمام گهڻي تعارف ڪئي ۽ چيو ته سنڌ هڪ رچ ڪلچر ثقافت تهذيب جو مرڪز رهي آهي، سنڌ جي ماڻهن جي محبت کي مان ڪيئن وساري سگهان ٿي، انهيءَ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ادي فريال ٽالپر، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري سميت ٻين سان موجوده ملڪي اهم سياسي معاملات تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اهڙي طرح ٻنهي ملڪ جي سڀ کان وڏين سياسي پارٽين پ پ پ ۽ مسلم ليگ “ ن ” اهو طئي ڪيو ويو ته هاڻي عوام کي سک جو ساهه کڻائڻ لاءِ اسان کي وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو، جنهن لاءِ انهن جو چوڻ آهي ته هاڻي مخالف ڌر ۾ ڏار وجهڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪئي وڃي پر اسان پنهنجي صفن ۾ ٻڌي، ايڪو، اتحاد قائم ڪندي ظالم حڪمرانن کان استعيفائون وٺنداسين، جيڪڏهن نئين سال جي پهرين مهيني ۾ 31 جنوري 2021ع تائين وزيراعظم عمران خان استعيفا نه ڏني ته پوءِ پوري ملڪ اندر انهي خلاف دما دم مست قلندر ٿيندو ۽ اهڙو لانگ مارچ شروع ڪيو ويندو جنهن جو حڪمرانن سوچو به نه هوندو، تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هن ملڪ ۾ اها حڪومت ڪامياب ٿي سگهي ٿي جيڪا عوام جي ڏکن، دردن، اهنجن، مصيبتن، مشڪلاتن، سستائپ ، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ، مهانگائپ تي مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪري سگهي باقي روز بروز وزيراعظم جي نون نون اعلانن ۽ ڪجهه صبر ڪريو، صبر ڪريو ، مهانگائي وڌندي پر توهان کي صبر ڪرڻو آهي، گهبرائڻو ناهي، اڪثر ماڻهو مفلسي، تنگدستي، بک، بدحالي سبب اذيت ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن پر پنهنجي وزيراعظم کي هاڻي خبر ٿي پئي ته حڪومت ۾ اچڻ کان پهريان تجربه ڪار ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي، اها ٽيم کڻڻي پوندي آهي جيڪا ملڪ جي استحڪام، معاشي بهتري لاءِ بهترين ۽ جامع پلان ترتيب ڏيئي سگهي، پ پ پ ۽ نواز ليگ سالن جا سال حڪومتون هلايون پر انهن جي سموري اقتداري وقت ۾ اهڙي راڪاس بڻيل مهانگائيءَ ڪر نه کنيو جهڙي طرح هن موجودهه حڪومت ۾ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اڳ ۾ وارا حڪمران مها ڪرپٽ هيا ته پوءِ انهن جي دور ۾ وري به عام روزمرهه استعمال جي شين جا اگهه ائين آسمان سان ته ڳالهيون نه ڪندا رهيا، پر هاڻي ته ڀينگ ڪئي وئي آهي، وزير اعظم ٻڌائي ته هو پنهنجين ڳالهين مان ڪهڙين ڳالهين تي پورو لٿو آهي ؟ ، جيڪي واعدا ڪيا ، هڪ ڪروڙ نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ واري واعدي تي هاڻي هو چئي رهيو آهي ته ڇا ڪجي سرڪاري نوڪريون سڀني کي نٿيون ڏيئي سگهجن ۽ جيڪڏهن غربت سبب ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا ته مان ڇا ڪريان ؟، هاڻي اهڙي ٻولي وزير اعظم جي هجي ته مان ڇا ڪريان معنيٰ ته ڀلي اهي خودڪشيون رهن ؟، اها ڳالهه اقتدار جي نشي ۾ مست وزير اعظم کي نه وسارڻ گهرجي ته هيءُ اقتدار اچڻو وڃڻو آهي ، جيڪڏهن هن کي اها وزير اعظم جي ملڪ جي اهم ترين سيٽ سنڀالڻ کان زور ڳالهه آهي ته پنهنجو پاڻ استعيفا ڏيئي ملڪ کي صحيح سمت ۾ هلائڻ لاءِ نئين اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو وڃي جيئن وڌيڪ ملڪ جو معاشي برو حال نه ٿي سگهي ۽ ملڪ هاڻي وڌيڪ معاشي بدحالي برداشت ڪرڻ جو بار نٿو کڻي سگهي، هاڻوڪي مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي سياسي ملاقات جيڪا ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ نويڪليءَ ۾ ٿي گذري، انهي ۾ يقينن سنڌ ۽ پنجاب سميت لاڙڪاڻو ۽ لاهور جي ويجهڙائپ کان ڪو به ذي شعور ماڻهو انڪار نٿو ڪري سگهي، سياست ۾ هونئن به ڪلهه جا سياسي مخالف اڄ جا سياسي سٺا دوست ٿي سگهن ٿا، جيڪي موجودهه پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ( پي ڊي ايم ) پليٽ فارم ۾ جهڙوڪ اي اين پي جو سربراهه اسفند يار ولي ۽ جي يو آءِ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، بي اين پي جو سربراهه سردار اختر جان مينگل ۽ نواب لشڪري رئيساڻي ائين ئي وري پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ نواز جي مريم نواز ۽ ٻين سياسي اڳواڻن وچ ۾ ڪيتري سياسي ويڙهه جاري رهي جو اڳوڻو وزير اعليٰ پنجاب شهباز شريف ايتري تائين اڪثر تقريرين ۾ چوندو رهندو هيو ته مان آصف علي زرداريءَ کي روڊن رستن تي گهليندس پر هاڻي اهي ۽ انهن جي اولاد سڀئي سياسي چهرا توهان اسان جي سامهون هڪ پليٽ فارم تي بيٺا نظر اچن ٿا، تنهن ڪري چيو ويندو آهي ته سياست ڏاڍي بي رحم ٿيندي آهي، سياسي تاريخ ۾ ڪيترين جاين تي پر پنهنجي لاڙڪاڻي ضلعي اندر اهو به ٿيو جو ن ليگ اڳواڻ نواب سلطان احمد چانڊيو ۽ پ پ اڳواڻ نواب شبير احمد چانڊيو پيءُ پٽ وچ ۾ قومي اسيمبليءَ جي هڪ ئي تڪ تي ٻنهي جو سخت مقابلو ٿيو ۽ پٽ اها سيٽ ڪامياب ٿيو، سو سياست ۾ پي ڊي ايم اتحاد ٺهڻ بعد هاڻي ن ليگ ۽ پ پ پ ۾ پيدا ٿيندڙ ويجهڙائپ مستقبل جي سياسي پس منظر لاءِ انتهائي اهميت جوڳي ۽ نئين تاريخ جوڙيندڙ ثابت ٿيندي ، سياست ۾ ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو واري برداشت واري پريڪٽس ٿيڻ سان عوام جون دليون کٽي سگهجن ٿيون موجوده پي ٽي آءِ جي حڪومت رڳو صبر ڪريو ۽ گهٻرايو نه جي تقريرون ڪري مهانگائيءَ جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري انهي کان عوام بيزار ٿي چڪو آهي ۽ هلندڙ سياسي راند مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته ايندڙ ڏهاڙن ۾ پيپلز پارٽي کي نوازيو ويندو ۽ انهي لاءِ انهن سان ڪا ڊِل ڪري اقتدار حوالي ڪري عوام جي مشڪلاتن کي ڪجهه دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن لاءِ پ پ پ جي سنڌ حڪومت پنهنجي اليڪشن مهم هاڻي کان شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته تعليم کاتي ۾ 37 هزار نيون جايون بيروزگار نوجوانن کي ڏيڻ لاءِ اها ريهرسل جي پهرين قسط آهي ، جيئن ڪجهه مهينن ۾ ٿيندڙ نين چونڊن ۾ اهي 37 هزار بيروزگار گهراڻا پ پ پ کي ووٽ ڪري سگهن ۽ پيپز پارٽي جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام جا وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيا وڃن ڪنهن به طرح عوام کي مايوس نه ڪيو وڃي جنهن لاءِ لاڙڪاڻي ۾ صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ انهي جو نوجوان ڀاءُ طارق انور سيال ڏينهن رات پنهنجن پراون ، پ پ ورڪرن توڙي ٻين جا ۽ مختلف برادرين جي ماڻهن جا نه صرف پنهنجي تڪ باقراڻي پر ڏوڪري، باڊهه ۽ انهن جي ڳوٺن ڪوٽ قبولو جي پراڻن راڄن ڀاڳن جي معززين ۾ شامل شخصيتن الحاج سائين قاضي عطا محمد عباسي ڪلهوڙو ۽ شاهاڻي، موريا ۽ ٻين برادرين جي معززين سان سياسي وابستگي قائم رکندي انهن جي نوجوانن کي روزگار سان لڳائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا آهن، اهڙي طرح لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪ سياست ۾ وڏو نالو ولاريندڙ جي ايم ابڙو جيڪو پڻ پيپلز پارٽي جي هڪ سگهاري قوت ٿي اڀريو آهي جنهن وٽ به پنهنجي برادري سميت گسٽا ۽ پ ٽ الف استاد برادرين جا هزارين ووٽ آهن اها محنت ۽ جستجو به سيال برادران جي آهي، جي ايم ابڙو ۽ طارق انور سيال جي ساٿ سبب لاڙڪاڻو، ڏوڪري، باقراڻي رتوديرو ئي نه پر سنڌ جي پنجن ضلعن جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، قمبر شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو ضلعو جا هزارين ووٽر هن وقت پيپلز پارٽي جي حمايت ۾ بيٺل آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ پ پ پ جي اليڪشني مهم ۾ جي ايم ابڙو ۽ سيال برادريءَ جي ساٿ سان ڪافي تعداد ۾ خوش خبري ٻڌڻ لاءِ ملي سگهي ٿي، بهرحال پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ۾ ادي فريال ٽالپر ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي شهيدن جي قبرستان ۾ دفن ٿيل ٻن سابق وزير اعظمن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وٽ جهڙي طرح سياست جي رواداري سهپ ۽ برداشت سبب نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز شريف کي ويجهو آڻي گلن جي جيڪا ورکا، گلن جا هار ۽ پتيون نڇاور ڪيون ويون آهن انهي ۾ پيپلز پارٽي جي وڏي ڪاميابي ۽ تاريخي فتح سمجهي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته پ پ کي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ پنجاب ۾ هڪ ٻيهر جاءِ پيدا ڪرڻ لاءِ انهي عمل سان ڪافي رڪاوٽون دور ٿي سگهن ٿيون ۽ لاهور جا ماڻهو پيپلز پارٽي سميت لاڙڪاڻو جي ويجهو ٿي سگهن ٿا.










