نئون ديرو (شاد محمد ڀٽو) ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 13 هين ورسي جي موقعي تي جلسي گاهه ۾ قافلن جي آمد جاري آهي. پ پ جي جلسي ۾ مولانا فضل الرحمان شرڪت نه ڪندو، جي يو آءِ اڳواڻن جو وفد جلسي ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، آصف زرداري جلسي کي ورچوئل خطاب ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به جلسي کي خطاب ڪندا، مريم نواز پارٽي اڳواڻن سان گڏ نئون ديرو هائوس ۾ ترسيل آهن. ڪيپٽن صفدر، مريم اورنگزيب، پرويز رشيد ۽ ٻيا ساڻس گڏ آهن. ياد رهي ته لاڙڪاڻي مان جي يو آءِ جا پينا فليڪس لاهڻ تي جي يو آءِ وارا ڪاوڙجي پيا هئا ۽ مولانا فضل الرحمان ڊي سي لاڙڪاڻو کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو پر بعد ڊي سي پنهنجي والد سان گڏ جي يو آءِ وارن سان ملي معافي ورتي هئي ۽ معاملو ختم ٿي ويو هو. شهيد محترمه جي ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته عوام کي ظلم ۽ غربت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين. آصف زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جون قربانيون تاريخ ۽ عوام جي دلين ۾ آهن، پاڪستان ۾ هِن وقت به ظلم ۽ ناانصافي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عوام جي بهتر مستقبل لاءِ بينظير ڀٽو جي ڏيکاريل واٽ تي هلڻو پوندو.










