مروت جي نيڪالي تي پي ٽي آءِ ۾ اختلاف

مروت جي نيڪالي تي پي ٽي آءِ ۾ اختلاف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) شير افضل مروت جي رڪنيت ختم ٿيڻ جي معاملي تي پي ٽي آءِ جي قيادت ۾ ڌڙابندي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جي پارٽي جي بنيادي رڪنيت ختم ٿيڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي قيادت ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا آهن. پي ٽي آءِ جي وقتي سيڪريٽري اطلاعات شعيب شاهين طرفان شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.شعيب شاهين چيو آهي ته شير افضل مروت کي باني چيئرمين جي هدايت تي ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر شير افضل مروت جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو آهي، هن چيو آهي ته شير افضل مروت عمران خان جي وفادار ساٿين مان هڪ آهي، ان جي بنياد يرڪنيت ختم ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن جي باري ۾ مون کي ڪابه خبر نه آهي. بيرسٽر گوهر چيو ته بطور پارٽي چيئرمين شير افضل مروت يا ڪنهن ٻئي کي به پارٽي مان نه ڪڍندس، ٻئي طرف ذريعن موجب بيرسٽر گوهر امڪاني طور تي شير افضل مروت جي سفارش جي لاءِ باني چيئرمين سان ملڻ اڊيالا جيل ويندو.ياد رهي ته پي ٽي آءِ پارٽي جي اڳوڻي سينئر نائب صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت جي بنيادي پارٽي رڪنيت ختم ڪندي ان کان قومي اسيمبلي جي رڪنيت کان به استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري فردوس شميم نقوي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سنگين ڀڃڪڙين تي شير افضل مروت جي بنيادي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس به جاري ٿيو هو ته پنهنجا بيان جاري ڪيل هدايتن موجب ڏيو. شير افضل مروت کي نوٽيس ۽ ميڊيا جي بيانن جي نگراني لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي هئي. فردوس شميم نقوي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي اهو طئي ڪيو آهي ته شير افضل مروت پارٽي جي قائدن ۽ ضابطن تي پورو نٿو لهي هو پاڻ کي پارٽي کان مٿانهون سمجهي ٿو، جنهن سبب پارٽي کي نقصان پهچي رهيو آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر شير افضل مروت جي پارٽي رڪنيت ختم واري نوٽيفڪيشن جي ترديد ڪندي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اهو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن اهڙي قسم جي ڪهڙي به ڪارروائي ٿئي ها ته مون کي ضرور خبر هجي ها، مان پارٽي جو چيئرمين آهيان.ٻئي طرف پارٽي طرفان بنيادي رڪنيت ختم ٿيڻ کان پوءِ اڳوڻي سينئر نائب صدر شير افضل مروت جو موقف به سامهون اچي ويو آهي. هن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) تي چيو ته مان پارٽي جي فيصلي جو احترام ڪريان ٿو، پر هڪڙي ڳالهه ظاهر ڪندو هلان ته مان خان جو سپاهي هئس، آهيان ۽ رهندس پنهنجي حيثيت ۾ اڳواڻ جي آزادي جي جيڪا ڪوشش ڪري سگهيس ڪندس. هن چيو ته منهنجي اڳواڻ کي منهنجي باري ۾ غلط خبرون ٻڌايون ويون، علط فهميون پيدا ڪيون ويون آهن مان ڪوشش ڪندس ته عمران خان سان ملاقات ڪري پنهنجو موقف انهي جو سامهون پيش ڪريان.

پهنجو تبصرو موڪليو