مراد ۽ شهباز ۾ ملاقات،مختلف منصوبن تي ڳالهيون

مراد ۽ شهباز ۾ ملاقات،مختلف منصوبن تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ ون آن ون ملاقات ۾ صوبي ۾ وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل مختلف منصوبن کي وقت سِر مڪمل ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندي رٿائن کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير وزيراعظم جو دورو ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ وفاق جي سهڪار سان هلندڙ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي ۽ مسئلن کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان بي آر ٽي ريڊ لائين ۽ يلو لائين منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته ريڊ لائين منصوبي تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي جڏهن ته ييلو لائين تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي پراجيڪٽ شروع ٿيڻ سان ڪراچي ۾ ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿي ويندا. وزيراعظم وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت ڪي سي آر کي سي پيڪ جي ترجيحي منصوبي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چيني اختيارين سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي سي آر اهم آهي ۽ ان کي چين جي سهڪار سان جلد شروع ڪيو ويندو. شهباز شريف ۽ مراد علي شاهه وچ ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن سبب ملڪ جي عوام ۾ پريشانيءَ پکڙيل آهي. تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن پيداواري لاڳت کي گهٽائڻ لاءِ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي جي سمورن منصوبن کي ٿر جي ڪوئلي تي تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت ملڪ جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته توانائي جي پيداوار جا مقامي ذريعا جهڙوڪ ڪوئلو ۽ قابل تجديد توانائي ملڪ جي عوام کي سستي ۽ رليف فراهم ڪرڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندا. مراد شاهه وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس حڪومت غريب ماڻهن ۾ 2 لک سولر هوم سسٽم (SHS) ورهائيندي جيڪي آف گرڊ يا ماهوار 100 يونٽ استعمال ڪن ٿا ته جيئن اهي بجلي جي بلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن. ملاقات ۾ K-IV منصوبي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته ڪي فور ڪينال ۽ پائيپ لائين تي ڪم واپڊا ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڪي فور آگمينٽيشن سندس حڪومت جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته هو WAPDA کي هدايت ڪندو ته هو ڪينال ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر تي ڪم تيز ڪري. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت ڪي فور آگمينٽيشن تي ڪم شروع ڪرڻ واري آهي ته جيئن ٻئي ڪم گڏجي مڪمل ڪري سگهجن. وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس حڪومت حب ڪينال پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي جنهن تحت موجوده ڪينال جي اوور هال ڪئي پئي وڃي ته جيئن 200 ايم جي ڊي جو پاڻي ڪراچي جي اولهه، ڪيماڙي ۽ سينٽرل ضلعن جي عوام کي پهچايو وڃي. وزيراعظم منصوبي کي ساراهيو. وزيراعظم ۽ وڏي وزير ٿر ڪول فيلڊ کان ڇوڙ تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائڻ جي منصوبي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن ملڪ ۾ ڪوئلي تي ٻڌل پاور پلانٽس ۽ ٻين صنعتي يونٽن لاءِ ڪوئلو منتقل ڪيو وڃي. ملاقات ۾ منصوبي جي ڪاغذن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کان اڳ وزيرعظم جو وزيراعليٰ هائوس پهچڻ تي وڏي وزير پنهنجي ٽيم چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ سان گڏ سندس ڀيلڪار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو