مراد سعيد جي عبوري ضمانت منظور

مراد سعيد جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ )اسلام آباد جي ضلعي سيشن ڪورٽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال مراد سعيد جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد عبوري ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيو.ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي 5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.ان کان اڳ عدالت مراد سعيد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو