مديني جي رياست ۽ جنسي زيادتين جو سوال

مديني جي رياست ۽ جنسي زيادتين جو سوال

تحريري طفيل مگسي

ننڍڙي معصوم.ڇوڪري هجي يا چاهي وڏي عمر جي عورت هجي.اسان جي معاشري ۾ ڪنهن جي به عزت يا عصمت محفوظ ناهي.عورت ذات جيڪا رب العزت جي طرف کان هن دنيا جي سڀ کان بهترين نعمت.تحفو ۽ ھڪ بهترين شاھڪار۽ عظيم تخليق آھي.رب العزت عورت کي جنم ڏئي ڪري ابن آدم تي نهايت ئي بهترين احسان ڪيو آھي.عورت جنهن جي تخليق مرد جي مقام کي بلند ڪري ٿي.ليڪن افسوس ته اسان وٽ عورت جي جيتري عزت و تکريم پائمال ٿي رهي آھي .شايد ائين ڪنهن جي به نه ٿيئي .گذريل سال ڪجھ اھڙا واقعا پيش آيا دل رت جا ڳوڙھا ڳاڙڻ تي مجبور ٿي ڪري رهجي وئي.جڏھن موٽروي تي ڏينهن ڏٺي جو هڪ ماء کي سندس معصوم نينگري جي سامهون سندس عزت وعصمت سان کيڏيو ويو.پر گڏ ئي انهيء ساڻ ننڍڙي معصوم نينگري کي به درندگي جو نشانو بڻايو ويو.ان قسم جو اهنياء شايد يورپ جهڙن ايڊوانس شھرن ۾ به نه ٿيو هجي.اهڙي قسم جي صورتحال کي ڏسندي اسان جي ذھن کي اهو سوال جهنجهوڙي ٿو ته نيٺ اسان ان قسم جي جهالت جي ڪن ۾ ڪيستائين ڦاٿل رهنداسين اسان وٽ وحشيت درندگي۽ انسانيت سوز واقعا ڪڏھن ختم ٿيندا ڪڏھن ڇا  انهن درندن وحشين ۽ انسايت دشمنن کي سرعام سزائون ملنديون هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي هڪ پبلڪ رڇورٽ جي مطابق هر ٻن ڪلاڪن ۾ ريپ يعني زيادتي جو هڪ ڪيس ۽ ھر اٺن ڪلاڪ ۾ اجتماعي زيادتي جو هڪ ڪيس سامهون اچي ٿو عمر ۽ جنس جي ڪنهن به  سڃاڻپ  کان بنا يعني زيادتي جو شڪار ڪو به مرد عورت ٻار پوڙھو  مئل يا زنده ڪجه به ٿي سگهي ٿو.هتي هڪ ڀيرو وري اها نشاندهي ڪندو هلان ته صرف 9 ڪيس داخل ٿيل آھن باقي 80% ڪيسن جي داخلا ڪڏھن به نه ٿي .جيڪڏھن انهن جي سبب ڏانهن وڃجي ٿو ته قانون ۾ ڪمزوريون نظر اچن ٿيون.جنهن جو سبب معاشرتي دٻاء وسيلن جو نه هئڻ طاقتور ڌرين جي قانون تي بالادستي کانسواء ٻيون سوين ان قسم جون زيادتيون ۽ بي حيائيون ته صدين کان ٿينديون رهيون آھن.ليڪن پوئتي پاسو ورائي ڏسڻ کي ڇڏي ڪري اسان هتي 2019ع جي ڳالھ ڪريون ٿا ته سمورن ڪيسن کي گڏائجي ته ٽوٽل عورتن سان زيادتي جا ڪيس 388 داخل ٿيل آھن.جڏھن ته ٻارڙن سان جسماني ۽  جنسي زيادتن جا 2هزار637ڪيس ۽ عورتن ۽ٻارڙن جي اغوا  جا 12سئو کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن ۽ انهن کانپوء ڇا ٿو ٿيئي ان جو اندازو هڻڻ مشڪل ناهي.صرتحال 2020ع ۾ ڪجھ تبديلي ٿي آھي.جيڪڏھن گذريل ٽن مهينن کي ڏسجي ته ٽوٽل گڏجي 500 کان وڌيڪ ڪيسز سامهون آيا.جن۾ اجتمائي زيادتي جا 27 ڪيس۽ وفاقي گادي جي هنڌ 22 ڏينهن جي دوران 20ٻارڙن سان زيادتي جا ڪيس پڻ شامل آھن سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته ريپ ڪندي ماڻھو ڊڄن ڇو نه ٿا قانون ڪهڙو آھي اسان وٽ 1979ع جو حدود آرڊينس جنهن جي پهرين ٻن شقن جي مطابق ڏوه جو ثابت ٿيڻ. عدالت ۾ پيشي ۽ چار امين واسي بالغ مرد شاهدن جي شاھدي سان مشروط آھي.ان کي ٺٺول نه چئجي ته ڇا چئجي. مطلب ته هڪ انسان جيڪو اڳ ئي ان ذھني اذيت ۽ جسماني وروحاني تڪليف کان گذريو هجي.ان کي وڌيڪ ذليل عدالت ۾ ڪيو وڃي.اسان وٽ جنسي زيادتي جي حوالي سان ڪجھ راء ان ريت ورتي وڃي ٿي ته اهو سڀ ڪجھ عورتن جي بي پردگي ۽ مختصر لباس پائڻ جي سبب کان ٿيئي ٿو.ڇا اهو واقعي انهن جي پنهنجي بي احتياتي جي سبب کان ٿيئي ٿو.پر ائين ناهي ڇوت اسان اهو به تمام گهڻو ڏٺو يا پڙھيو آھي ته اڪثر ان قسم جا واقعا گهرن جي اندر پڻ ٿين ٿا.جيڪي سامهون نٿا اچن.ڇو ت اسان جنسي زيادتي جو شڪار ٿيڻ کي ڪارنهن جو ٺپو هڻي ڇڏيو آھي.جيڪو پنهنجي بدنامي جي خوف کان آواز ٻاھر نٿو ڪڍي ۽ شڪاري جا حوصلا وڌي وڃن ٿا.نه صرف اهي بلڪ ٻيا به هزارين ڪيس ٿيندا رهن ٿا هن اسان جي موجوده مديني واري رياست ۾.

پهنجو تبصرو موڪليو