سيٺارجا( الطاف حسين ڀٽو) سيٺارجا ڀرسان مدرسي ۾ پڙهندڙ شاگرد مٿان مولوي جو وحشاڻو تشدد شاگرد کي مدرسي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ رسين سان ٻڌي قيد ڪيو ويو جوابدار مولري خلاف اين سي داخل.ڏيپارجه ڀرسان ڳوٺ حاڪم الدين آرائين جو رهواسي ستن سالن جو آفتاب احمد ولد اشفاق آرائين پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته محرابپور روڊ تي قائم مدرسو اسلاميه رضويه اڪبر شاه ۾ قرآن پاڪ جو ٻيو سيپارو حفظ ڪندو آهيان ٻن ڏينهن جي موڪل تي گهر ويل هيس ته مدرسي جي مولوي ياسين مونکي زبردستي گهر کان کڻائي مدرسي ۾ رسن سان ٻڌي لٺين سان سخت تشدد جو نشانو بڻائي مدرسي ۾ ٻڌي ويهاري ڇڏيو جنهن کان مان اتان وجهه وٺي گهر پهتو آهيان ۽ اين سي داخل ڪرائي آهي پوليس جوابدار گرفتار نه پئي ڪري هن وس وارن کان گهر ڪئي ته مذڪوره جوابدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي










