اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته هو پاڪستان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مڃيندو ڇو ته عدالت آئين ٻيهر لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيو نيوز جي پروگرام جرگه ۾ ڳالهائيندي هن اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ترميم جو حوالو ڏيندي چيو ته هاڻي قانون تبديل ٿي چڪو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي مشاورت سان معاملو اڳتي وڌائبو. عدالتن کي جيڪڏهن ٻڌڻ شروع ڪيو ته ڪافي اهڙا فيصلا آهن جيڪي آئين خلاف آهن، مخصوص سيٽن بابت فيصلو جو مجاز ادارو اليڪشن ڪميشن آهي ۽ سندن نوٽيفڪيشن جو انتظار ڪنداسين. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته 26 هين آئيني ترميم بعد تاثر آهي ته عدليا جي آزادي متاثر ٿيندي ته هن انڪار ڪندي چيو ته آئين ٺاهڻ جو اختيار پارليمان کي آهي ته پوءِ هو آئيني ادارن ۾ ڀرتين ۽ ان جي تشريح ڪرڻ وارن جي ڀرتي ڇو نه ٿا ڪري سگهن، پوري دنيا ۾ ائين ٿئي پيو. هڪ سوال تي هن چيو ته جن 4 ميمبرن آئيني ترميم جي حق م ووٽ ڏنا اهي آزاد هئا، ڪنهن پارٽي جا ميمبر نه آهن. هن چيو ته ڪوئٽا مان آزاد ميمبر عادل بازئي مسلم ليگ(ن) ۾ شامل ٿيو هو پر هن ووٽ نه ڏنو، مون سندس خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ۾ موڪليو آهي.










