ٽنڊو غلام حيدر ( ن سنڌيار) ٽنڊو غلام حيدر جي 4 شاخن واهن گوني واه ؛ حسن علي واه؛ ڄامواه ؛ ڪڙيو واه ؛ ۾ اڃا تائين پاڻي جي بدترين ڪلت ماڻهو مال پکي اڃ وگهي تڙپڻ لڳا سارين جو ٻيجارو به وقت سر نه پوکجي سگهيو ۽ زرعي فصلن کي به ڪاپاري ڌڪ رهواسين پاران پاڻي جي بدترين ڪلت سبب احتجاجي مظاهرو آبپاشي ارسا اختيارين خلاف سخت نعريبازي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوزدار نعرا اختياريون هزارين ڪيوسڪ پاڻي چوري خلاف ايڪشن وٺي پاڻي کوٽ ختم ڪن ته جيئن هزارين آبادگارن جو پوکيل فصل متاثر ٿيڻ کان بچي سگهي ۽ ساريال جو ٻيجارو وقت سر پوکجي سگهي مطالبو! اِتحادي حُڪومت کي 2 کان وڌيڪ مَهينا مُڪمل ٿيڻ وارا آهن، پر عوام جو ڪو هڪ به مسئلو حل نه ڪيو ويو آهي، ۽ سنڌ خطرناڪ پاڻي کوٽ ڀوڳي رَهي ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آبپاشي وارو وزير ۽ سنڌ حڪومت ننڍ ستل؟ ميڊيا تحت اهو پڻ رپورٽ رپورٽ ٿيو آهي ته سِنڌ ۾ پاڻيءَ جي صُورتحال هر اِيندڙ ڪلاڪ ۾ ويتر خراب ٿِي رَهي آهي- کوٽ وڌي رَهي آهي- آبپاشي ماهرن ۽ آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڇاٽو خريف ته هَٿن مان نِڪري رَهيو آهي، پر جيڪڏهن صُورتحال ساڳي رَهي ته ربيع جو فصل به مُتاثر ٿِي سَگهي ٿو. گذريل ڏينهن جا انگ اکر ٻُڌائين ٿا ته گُڊو بئراج تي پاڻي کوٽ 72 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، ۽ سَکر بئراج تي 46 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي کوٽ آهي. ڪوٽڙي بئراج تي 51 سيڪڙو کان وڌيڪ کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي. هِن وقت ٽِنهي بئراجن تي وڌيڪ پاڻيءَ جي ضرورت آهي، پر اُهو پاڻي مِلڻ بَدران کوٽ انتهائي خراب صُورتحال اَختيار ڪري رَهي آهي. ٻئي طرف پَنجاب جا واهه ۽ ڪئنال ٽِمٽار وهي رَهيا آهن. هِن سَڄي مُعاملي تي مُلڪ جو وزيراعظم خاموش تماشائي بڻيل آهي، ۽ سَموري اِتحادي حُڪومت جا چَپ سِبيل آهن- گذريل 4 ڏينهن پهرين وزيراعظم وٽ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بجلي بُحران تي ته ڳالهايو ويو، پر سِنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي. وزيراعظم ڪامورن تي سَخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سَڀ وضاحتون بيڪار آهن. مُلڪ ۾ ٻِن ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ قبول ناهي. شَهباز شَريف آفيسرن کي پابند ڪيو ته لوڊشيڊنگ هر حال ۾ گهٽائي وڃي، ۽ عوام کي رليف ڏنو وڃي! اَسان وزيراعظم کي چئون ٿا ته هُن کي ٻيو سَڀ ڪُجهه نظر اَچي ٿو، پر سِنڌ جي تڪليف ڇو نظر نٿي اَچي- اَسان کيس ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته شَهباز شريف جنهن ڏينهن بَطور وزيراعظم حلف کنيو هو، ته اُن ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته پَنجاب وڏو ڀاءُ ضرور آهي، پر اُهو سَڄو پاڪستان ناهي. اسان سَڀني صوبن کي گڏ کڻي هلنداسين. وزيراعظم بلوچستان جي دوري دوران به اَهڙي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، پر پوءِ هُن کان جلد ئي وِسري ويو ته مُلڪ ۾ سنڌ به شامل آهي، جيڪا پاڻيءَ لاءِ تڙپي ۽ ڦَٿڪي رَهي آهي. زراعت تَباهه ٿِي رَهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اِيندڙ وقت ۾ خوراڪ جو وڏو بُحران پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي- خود سِنڌ جو زراعت وارو وزير به ساڳي ڳالهه ڪري چُڪو آهي. ڪجه ڏينهن پهرين ڪُنريءَ جي علائقي ۾ پاڻيءَ جي هڪ منصوبي جي افتتاح واري تقريب دوران ڳالهائيندي سِنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته پاڻيءَ جي تمام گهڻي کوٽ آهي. ان معاملي تي آئون ٻيهر وزيراعظم سان مِلندس، ۽ کيس چوندس ته سِنڌ کي پاڻي مِلڻ گهرجي. هوڏانهن پارليامينٽ جي پاڻي ڪميٽي جي سَربراهه يوسف ٽالپر جو بيان به سامُهون آيو آهي، جنهن چيو آهي ته سِنڌ جي آبپاشي وزير پاڻي ڪميٽي جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري سِنڌ جو ڪيس ڪمزور ۽/ خراب ڪيو آهي. اسان چئون ٿا ته هِي سَڀ حڪمران ۽ اتحادي گڏجي سِنڌ جو پاڻي چوري ڪري رَهيا آهن، ۽ سَڀ گڏجي سِنڌ جو پاڻي ڪيس خراب ڪري رهيا آهن. اسان وزيراعظم پاڪستان ۽ رياست کي ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته سِنڌ به هِن مُلڪ جو حصو آهي، جنهن کي ايترو تَنگ نه ڪيو وڃي، جو مظلوم سِنڌ جنگ ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي- اُن کان اڳ سِنڌ کي پَنهنجي حق جو پاڻي ڏنو وڃي، ۽ درياءُ موٽائي ڏنو وڃي، ته جيئن زندگيءَ جون رونقون ۽ زراعت بَحال ٿي سَگهي!










