محمد سريوال ملهه مقابلا جاري، سنڌ جا پهلوان ميدان تي لٿل

ماتلي (عبدلرزاق پنهور) گلاب لغاري شهر ۾ مرحوم محمد سريوال جي ياد ۾ جونيئر محمد حسن سريوال ۽ قربان سريوال جي سهڪار سان هلندڙ هفتيوار ملھ راند جا پهلوانن ۾ زوردار مقابلا ٿيا جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان ايندڙ پهلوانن توڙي مقامي پهلوانن ملھ راند ۾ حصو ورتو. پهلوانن ۾ سيد گلاب شاھ، غلام حسين سريوال ، اخلاق سريوال،حسين لغاري، نويد لغاري، ڦل محمد پهنور، شيردين گپچاڻي،  دلشير گپچاڻي، خير محمد سريوال، معشوق عرف چريو لغاري، راجا پهنور، رشيد سريوال، ڏاڏا ڀيل، سيد بختيار علي شاھ، منظور خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آهن

ملھ دوران پهلوانن وارا، ٻلهڻو، گهمريون، پٺا، ڦنڊا، اٺ ڏانوڻ، وٺڙيا جانٺا، کڙي وارا جانٺا ۽ ٻيا ڪيترائي داءُ ڪري مخالفن کان سرسي حاصل ڪئي. ڪامياب پهلوانن ملھ ايسوسيئشن جي سرپرست اعليٰ محبوب خان سريوال، عبدالغفار لغاري، جونيئر محمد حسن سريوال،  قربان سريوال ۽ ٻين شوقينن کان نقد انعام وصول ڪيا ۽ خوب داد پڻ حاصل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو