محمد خان ڀٽي ڪيس: سنڌ پوليس جو هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع

محمد خان ڀٽي ڪيس: سنڌ پوليس جو هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس طرفان پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي جي گمشدگي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي ۽ ٻين جي بازيابي واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، سنڌ پوليس جو چوڻ آهي ته محمد خان ڀٽي ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، محمد خان ڀٽي سنڌ جي ڪنهن به ٿاڻي ۾ تحويل ۾ ناهي.عدالت وفاقي حڪومت ۽ رينجرز جي پراسيڪيوٽر کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي.عدالت وفاقي حڪومت کان ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو. ايان ميمڻ جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته سنڌ پوليس کي محمد خان ڀٽي جي ڳولا لاءِ مجبور ڪيو وڃي. درخواست محمد خان ڀٽي جي پٽ عمر افتخار ڀٽي ايڊووڪيٽ پاران داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته محمد خان ڀٽي 6 فيبروري تي مٽياري ڀرسان غائب ٿيو، خدشو آهي ته محمد خان ڀٽي کي حڪومت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايجنسين کي خدشو آهي ته کيس فوري طور عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو