محمد آصف ۽ محمد حسنين اڃان تائين انعامي رقم کان محروم

محمد آصف ۽ محمد حسنين اڃان تائين انعامي رقم کان محروم

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اسنوڪر چيمپين شپ کٽيندڙ قومي ڪيوئيسٽ محمد آصف ۽ محمد حسنين اڃان تائين انعامي رقم کان محروم آهن. رپورٽ موجب پاڪستان اسپورٽس بورڊ(پي ايس بي) طرفان محمد آصف کي 2 چيمپين شپ کٽڻ جي انعامي رقم اڃان تائين نه ملي سگهي آهي. پاڪستان بليئرڊ اينڊ اسنوڪر ايسوسيئيشن(پي بي ايس اي) دعويٰ ڪئي آهي ته محمد آصف کي انعام جي مد ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ روپيه ادا ڪرڻا آهن جڏهن ته نوجوان محمد حسنين کي انڊر 17 ورلڊ آءِ بي ايس ايف ٽائٽل لاءِ 50 لک روپين جي انعامي رقم اڃان تائين ناهي ملي.پي بي ايس اي جي چيئرمين عالمگير شيخ چيو هو ته پي ايس بي جي پراڻي ڪيش ايوارڊ پاليسي جي تحت فاتح رانديگر کي في ٽائٽل 50 لک روپيه انعام ملڻو هو. هن چيو ته جولاءِ ۾ جاري ڪيل نئين ڪيش ايوارڊ پاليسي ۾ انعامي رقم 50 کان گهٽ ڪري 15 لک ڪئي وئي، محمد آصف نومبر 2024 ۽ جولاءِ 2025 ۾ ورلڊ ٽائٽل کٽيو. چيئرمين پي بي ايس اي چيو هو ته قومي ڪيوئسٽ ٻئي ٽائٽل نئين ڪيش ايوارڊ پاليسي جاري ٿيڻ کان اڳ کٽي جڏهن ته نئين ڪيش ايوارڊ پاليسي ۾ اسنوڪر سان ظلم ٿيو. هن چيو ته نئين ڪيش ايوارڊ پاليسي ۾ اسنوڪر رانديگرن جي انعامي رقم ۾ 35 لک جي ڪٽوتي ٿي، حڪومت اسنوڪر سان غير منصفاڻي سلوڪ جو نوٽيس وٺي. عالمگير شيخ چيو ته اسنوڪر ۾ قومي رانديگر عالمي سطح تي 95 ميڊل کٽي چڪا آهن. اسان هڪ يا ٻن ٽن سالن کان پوءِ ٽائٽل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. ٻئي طرف اسنوڪر ورلڊ چيمپين قومي ڪيوئسٽ محمد آصف چيو ته 2012 کان مون 6 ڀيرا ورلڊ چيمپين شپ ۽ 5 ڀيرا ايشين چيمپين شپ کٽي پر پنجاب حڪومت کان اڄ تائين هڪ روپيو به ناهي مليو. رانديگرن کي فنانشنل اسپورٽس جي ضرورت هوندي آهي.هن چيو ته حڪومتي سپورٽ جي لاءِ منهنجي درخواست آهي، مان سپورٽ کان سواءِ به دل جان سان کيڏندس، منهنجو وقت گذري چڪو آهي پر حڪومتي سپورٽ نه ملڻ سبب نوجوان رانديگر مايوس ٿيندا آهن، هي راند آسان نه آهي، تمام گهڻي مهانگي راند آهي.قومي ڪيوئسٽ چيو ته جڏهن به ڪو ٽورنامينٽ کيڏندو آهيان ته ملڪ جي لاءِ ميڊل کٽڻ جي پوري ڪوشش ڪندو آهيان، مستقبل ۾ به پاڪستان لاءِ ميڊل کٽيندس. هن چيو ته اسان وٽ وڏي انگ ۾ ٽيلنٽ آهي جيڪو پاڪستان لاءِ سٺو پرفارم ڪري سگهي ٿو. نون رانديگرن کي سٺيون سهولتون ۽ موقعا ڏيڻ تمام گهڻو ضروري آهي، رانديگرن جي لاءِ حڪومتي سطح تي اڪيڊميز ٺاهڻ تمام گهڻو ضروري آهن جنهن ۾ سٺا لوڪل پاڪستاني ڪوچز هجڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو