اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙ 78 شهيدن ۽ غازين لاءِ سول اعزازن (گيلنٽري ايوارڊز) جي منظوري ڏني وئي. گهرو وزير چيو ته وطن جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ اسان جو اصل اثاثو آهن ۽ سندن حوصله افزائي ڪرڻ قومي فرض آهي.










