مبينا اغوا ڄاڻايل شادي شده عورت هٿ، جنسي زيادتي جو انڪشاف

مبينا اغوا ڄاڻايل شادي شده عورت هٿ، جنسي زيادتي جو انڪشاف

فيض گنج: (ن س ) فيض گنج مان مبينا اغوا ٿيل شادي شدھ عورت هٿ اچي وئي جنهن سان مبينا جنسي زيادتي بعد جسم تي ڏنڀ ڏئي بدترين تشدد جو نشانو بنايو ويو. ايس ايس پي جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ چئن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته تشدد جو نشانو بڻيل ناري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڪوٽ لعلو پوليس جي حد ڳوٺ مٺو اسلامي ۾ جوابدارن ڪجهه ڏينهن اڳ شادي شدھ عورت ريحانا زال سرفراز اسلامي کي اغوا ڪري ٽن ڏينھن تائين زيادتي ۽ تشدد جو نشانو بنائڻ جو انڪشاف سامھون آيو آھي. جنسي زيادتي ۽ تشدد جو نشانو بڻيل عورت ريحانا زال سرفراز اسلامي الزام ھڻندي چيو ته 4 ڄڻن عاصم اسلامي، انصاف، راشد ۽ ڪاشف اغوا بعد زنجيرن سان ٻڌي بدترين تشدد جو نشانو بنايو جنهن کان پوءِ جوابدار عاصم ۽ انصاف ٽن ڏينهن تائين جنسي زيادتي جو نشانو بنايو.تشدد جو نشانو بڻيل عورت چيو ته ٽن ڏينھن تائين تشدد ۽ جسم تي ڏنڀ ڏئي وار ڪتري ظلم ڪيو ويو جنھن بعد بيھوشي واري حالت ۾ جوابدار گھر ٻاھران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويامتاثر عورت کي رورل ھيلٿ سينٽر فيض گنج منتقل ڪيو ويو آھي جتي عورت جي ميڊيڪل سميت جسم تي ٿيل تشدد جون رپورٽون ورتيون ويون آھن. جڏھن ته ڪوٽ لعلو ٿاڻي تي ايس ايس پي خيرپور جي نوٽيس بعد عورت سان ميبنا زيادتي ۽ تشدد جي الزام ھيٺ آيل چئن ڄڻن عاصم، ڪاشف، راشد ۽ انصاف تي ڪيس داخل ڪري ٻن مُک جوابدارن عاصم اسلامي ۽ انصاف اسلامي کي گرفتار ڪري ورتو آھي.رورل ھيلٿ فيض گنج ۾ داخل ٿيل تشدد جو شڪار عورت ريحانا وٽ ڊي ايس پي ميرواھ پھتو ڊي ايس پي ميرواھ صحافين سان ڳالھ ڪندي چيو ته عورت تي تشدد جو ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي زيادتي جي تصديق ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو