ماڻهو منهنجي اصل عمر ٻڌي حيران ٿي ويندا آهن: ثمن انصاري

ماڻهو منهنجي اصل عمر ٻڌي حيران ٿي ويندا آهن: ثمن انصاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي هڪ خوبصورت سينئر اداڪارا سمن انصاري پنهنجي اصل عمر ظاهري بابت ڳالهايو، اداڪاره سمن انصاري هڪ پوڊ ڪاسٽ تي ڏنل انٽرويو ۾ سوالن جا جواب ڏنا آهن ۽ دلچسپ موضوعن تي کليل طور تي ڳالهايو آهي.اداڪاره انڪشاف ڪيو ته جڏهن ماڻهن کي خبر پئي ته مان اڪيلي ماءُ آهيان، ته ڪيترن ئي مردن مون کي شادي جي بدران رشتن جي آڇ ڪئي، جنهن کي مون سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو. پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪندي ثمن انصاري چيو مون کي خبر ناهي ته مردن ۾ هڪ عورت کي غير اخلاقي آڇون ڏيڻ جي همت ڪيئن ٿيندي آهي. عورتن کي به مردن کي سخت انداز ۾ انڪار ڪرڻ گهرجي ته جيئن مردن جي ذهنن ۾ ڪا اميد باقي نه رهي، انٽرويو دوران هن چيو ته منهنجي شادي ٿي ۽ 16 سالن کان پوءِ طلاق ٿي وئي، منهنجي مڙس طلاق کان فوري پوءِ ٻي شادي ڪئي، جڏهن ته مون ڪجهه سالن تائين سخت محنت ڪئي پاڻ کي مضبوط ڪيو، پوءِ مون ٻي شادي ڪئي، ثمن انصاري چيو ته منهنجو ٻيو مڙس مون کي تمام گهڻو همٿائيندو آهي. هو گهر جا سڀ خرچ سنڀاليندو آهي، مان جيڪو ڪمائيان ٿي اهو گهر هلائڻ لاءِ ڪافي ناهي، اداڪاره انڪشاف ڪيو ته هوءَ سال ۾ صرف هڪ پروجيڪٽ ڪندي آهي،انٽرويو دوران هن پنهنجي پيءُ ۽ خاندان جي ٻين ميمبرن جي ميڊيا سان شموليت بابت به کليل ڳالهايو، سمن انصاري چيو ته ماڻهو منهنجي اصل عمر ٻڌي حيران ٿي ويندا آهن.پنهنجي اصل عمر ظاهر ڪرڻ کان سواءِ، هن چيو ته ڊرامن ۾، هن کي منهنجي پيءُ جي دوستن جي زال بڻايو ويندو آهي.اداڪاره جو چوڻ آهي ته منهنجو ڪم اداڪاري ڪرڻ آهي، مان صرف اداڪاري تي ڌيان ڏيان ٿي، ڊرامي ۾ ڪردارن کي صحيح ڏيکارڻ ٻئي شعبي جو ڪم آهي، مان انهن معاملن ۾ نه ڳالهائيندي آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو