ماڻهن سنت ابراهيمي سٺي نموني ادا ڪئي، وزيراعظم

ماڻهن سنت ابراهيمي سٺي نموني ادا ڪئي، وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ماڻهن سنت ابراهيمي کي سٺي نموني ادا ڪيو، عيد تي وڏن شهرن خاص طور لاهور ۾ صفائي جا بهترين انتظام ڪيا ويا.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هو پنهنجن پيارن کان پري فرض سرانجام ڏيڻ وارن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.شهباز شريف چيو ته مان سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپنين جي آفيسرن ۽ انتظاميه کي خاص خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن عيدالفطر پنهنجن پيارن کان پري گذاري، پنهنجا فرض ادا ڪيا ۽ پنهنجن شهرن کي آلودگي ۽ گندگي کان پاڪ رکيو.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو پاڪستان جي عوام جو به شڪرگذار آهي جن انتظاميه جي آواز تي لبيڪ چيو ۽ سندن تعاون سان اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو