واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)دنيا جا ماڻهو تازيون خبرون ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ٽي وي يا اخبارون پڙهڻ کان وڌيڪ ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام ۽ سنيپ چيٽ استعمال ڪن ٿا.پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب ويب سائيٽس ۽ ايپس تان خبرون ڏسڻ وارن جي انگ ۾ 10 پوائنٽس جي گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا، سرچ انجڻ يا سوشل ميڊيا وڊيوز تان خبرون ڏسڻ وارن جو انگ وڌي ويو آهي.ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام ۽ سنيپ چيٽ جهڙن پليٽ فارمن تي صحافين جي ڀيٽ ۾ پڙهندڙ مشهور شخصيتن، اثر رسوخ رکندڙ ۽ سوشل ميڊيا جي شخصيتن تي وڌيڪ ڌيان ڏين ٿا، رائٽر انسٽيٽيوٽ فار دي اسٽڊي آف جرنلزم پنهنجي سالياني ڊجيٽل نيوز رپورٽ ۾ چيو.رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ سوشل نيٽ ورڪ آهي، جنهن کي 18 کان 24 سالن جي عمر جا 20 سيڪڙو ماڻهو خبرن لاءِ استعمال ڪندا آهن.اها شرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ هئي. ”ان جو ڪو واضح ثبوت نه آهي ته 2000 جي ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهو پراڻي دور جي ويب سائيٽن، پرنٽ ۽ ٽي وي نشريات کي ترجيح ڏيندا،“ رائٽرز انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر راسموس نيلسن رپورٽ ۾ چيو.رپورٽ ۾ آمريڪا سميت 46 ملڪن جي لڳ ڀڳ 94 هزار نوجوانن سان آن لائين سروي ڪيو ويو.سروي موجب گذريل سال جي مقابلي ۾ خبرن تي نوجوانن جو اعتماد 2 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته 40 سيڪڙو ماڻهن جو خبرون تي اعتماد آهي.جڏهن ته آمريڪا ۾ خبرن تي اعتماد ۾ 6 پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي آهي، جيڪا سروي ۾ سڀ کان گهٽ آهي.سروي موجب 56 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو انٽرنيٽ تي جعلي ۽ سچي خبرن ۾ فرق ٻڌائڻ بابت پريشان آهن، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي.جڏهن ته 48 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهن کي خبرن ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي، اها شرح 2017 ۾ 63 سيڪڙو کان گهٽجي وئي آهي.










