ماهره کي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ نه ڏينداسين،هندو انتهاپسندن

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي هندو انتهاپسند پارٽي مها راشٽرا نونرمان سينا0ايم اين ايس) ماهره خان  جي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي آهي. ايم اين ايس سنيما ونگ جي صدر اميا کهوپڪر ڀارتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو هو ته هو ماهره سميت پاڪستان جي ڪنهن به اداڪار کي مهاراشٽرا يا ڀارت جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪم جي اجازت نه ڏيندو.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايم اين ايس جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو جڏهن خبرون آهن ته اداڪاره ماهره خان کي ڀارتي اوئي ٽي پليٽ فارم طرفان ويب سيريز(يارجولاهي) جي آڇ ڪئي وئي آهي جنهن کي هن قبول ڪري ورتو آهي.رپورٽن موجب ماهره خان هن وقت سرمد کهوسٽ ۽ ياسره رضوي سميت پاڪستان جي ٻين اداڪارن سان  گڏ ڀارتي نيٽ ورڪ ڊي ٿيٽر جي پراجيڪٽ ياجولاهي ۾ ڪم ڪري رهي آهي. يار جولاهي 12 قسطن تي ٻڌل مشهور اديب ۽ دانشور گلزار جي نظم مان متاثر هڪ ڊرامائي سيريز آهي جنهن ۾ مشهور شاعرن ۽ نثر نگارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو