ماهره خان پاران انڊو ٺاهڻ جي نئين ترڪيب شيئر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نامياري اداڪارا ماهره خان پنهنجي مداحن سان خاص آمليٽ انڊو ٺاهڻ جي ترڪيب شيئر ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ پين ۾ ٿورو تيل وجهو ۽ ان ۾ ڪٽيل سائو مرچ، ٽماٽر، بصر، لوڻ ۽ ڪارا مرچ حسب ذائقه ملايو.

screen grab

انهن کي ايترو پڇايو جو هو يڪ جان ٿي وڃن. جنهن بعد ٻه انڊا ڦيٽيو ۽ ان ۾ ٿورو لوڻ ملايو ۽ هڪ ٻئي پين ۾ ٿرو تيل وجهي ان ۾ انڊا وجهو ۽ جيئين انڊا پچي وڃن ته ان جي وچ ۾ ٻئي پان وارو مصالحو رکو چيز سلائيس سان ان کي لپيٽي رول ٺاهيو. ان کي ٻنهي پاسن کان پچائي وچ تان ڪٽي کائو.

پهنجو تبصرو موڪليو