مامن جو ڀاڻج خلاف احتجاج، انصاف جي اپيل

مامن جو ڀاڻج خلاف احتجاج، انصاف جي اپيل

جوهي(ن سنڌيار)جوھي ڳوٺ مٺو خان لاشاري جي ڳوٺاڻن پنھور برادري جي مردن عورتن محرم پنھور,ڇٽل پنهور بخشل پنهور مسمات عظيمان , زھره پنھور معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب جوھي آڏو سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسانجي ڀيڻ مسمات نصيبان ۽ اسانجو ڀاڻج منظور پنھور اسان مٿان ڪوڙا الزام ھڻي رھيا آھن , جنھن ۾ ڪا به صداقت ناھي , ھنن چيو ته منظور پنھور ڪراچي رھندو آھي جڏھن کان وٺي جوھي آيو آھي اسان ڏٺو به ناھي , ھنن چيو ته ھو اسان مٿان الزام ھڻي ٿو ته منھنجا ماما مون سان وڙھيا آھن , ھنن چيو ھو جتي به چاھي جھڙي به سردار وٽ فيصلو رکرائي اسان فيصلو ڏيڻ لاء تيار آھيون , ھنن وڌيڪ چيو ته اسانجو ڀاڻج ۽ اسانجي ڀيڻ اسان مٿان روز ڪوڙا الزام ھڻي پوليس چڙھايون ڪرائي رھيا آھن ۽ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن,آخر ۾ ھنن آئي جي سنڌ پوليس ڊي آئي حيدرآباد سميت ايس ايس پي دادو عرفان سمون کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي اسان سان انصاف فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو