مالوند چوپائي مال جو چارو ختم ٿيڻ ڪري سخت پريشان

مالوند چوپائي مال جو چارو ختم ٿيڻ ڪري سخت پريشان

ٺٽو(ن سنڌيار) ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي ڪيٽي بندر تي رھندڙ مالوند ماڻھون چوپائي مال جو چارو ختم ٿيڻ ڪري سخت پريشان، چوپايو مال بہ بک وگھي مرڻ جي ڪنڌي تي پھچي ويو، ٻيلي کاتي ڪيٽي بندر جي انتظاميہ سامونڊي ڪريڪس ۾ چوپائي مال جي چاري تي پابندي مڙھي چوپايو مال واپس ڪرائي ڇڏيو، ڀاڳين جو احتجاج انصاف جو مطالبو. ان سلسلي ۾ ضلعي ٺٽي جي ساحلي پٽي ڪيٽي بندر ۽ ان جي اسپاس جي ڪيترن ئي مالوند ماڻھن ٻيلي کاتي ڪيٽي بندر جي انتظاميہ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪيٽي بندر کان ڳاڙھو نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ تازو ساحلي پٽيءَ ۾ پيل تيز طوفاني برسات سبب چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويو آھي، جنھن ڪري سندن مال بک وگھي مرڻ لڳو آھي، ھنن الزام ھڻندي چيو تہ ھو سندن بکيو چوپايو مال ڪيٽي بندر جي ساحلي ڪريڪس تي ڪاهي ويا، جتي ٻيلي کاتي ڪيٽي بندر جي انتظاميہ چوپايو مال ڀاڳئين کي اهو چئي واپس ڪري ڇڏيو تہ اسان جي تمرڪاري ٿيل آھي، چوپايو مال اھا چري ختم ڪري ٻيلي کاتي جي انتظاميہ کي نقصان پھچائيندو، جيڪو اسان جي برداشت کان ٻاھر آھي، ھنن چيو تہ تمر جا وڻ سمنڊ اندر آھن، جتي اسانجو چوپايو مال پھچي نٿو سگھي، اسانکي سمنڊ ڪناري بہ چوپائي مال کي چرڻ جي اجازت نٿي ملي جيڪا ڀاڳئين سان وڏي ناانصافي آھي، ھنن چيو تہ جيڪڏھن سندن چوپائي مال کي جلد چارو نہ مليو تہ سندن چوپايو مال بک وگھي مرڻ ڪري کين وڏي نقصان پھچڻ جو انديشو اھي، جيڪو نقصان ڀاڳئين کان ھر گز برداشت نہ ٿيندو. ھنن چيو تہ سندن روزگار جو وسيلو اھو چوپايو مال آھي، جيڪڏھن اھو مري ويو تہ سندن خاندان فاقہ ڪشي تي مجبور ٿي ويندا. ھنن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميہ ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت ٻيلي کاتي جي انتظاميہ کي اپيل ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري کين چوپائي مال جو چارو مھيا ڪرڻ سميت ساحلي پٽي ۾ سندن چوپائي مال جي چاري تي لڳل پابندي ختم ڪري کين پريشاني توڙي نقصان کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو