لاهور (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جي بيٽسمين مارڪ چيپمين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 2-2 جي برابر ڪري ڇڏي، جڏهن ته هڪ ميچ برسات سبب منسوخ ٿي وئي.آخري ٽي 20 ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان طرفان ڏنل 194 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي مارڪ چيپمين جي شاندار سينچري جي بدولت حاصل ڪري ورتو.نيوزيلينڊ طرفان مارڪ چيپمين 104 ۽ جمي نيشام 45 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.آخري ٽي 20 ۾ شاندار اننگز کيڏڻ بعد نيوزيلينڊ جي مارڪ چيپمين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.چيپمين 5 يا ان کان گهٽ ميچن جي ٻطرفي سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو، ڪيوي ڪرڪيٽر پاڪستان خلاف 5 ميچن ۾ 290 رنسون ٺاهيون.ان کان اڳ سربيا جي ليسلي ڊنبر بلغاريا خلاف چئن ميچن ۾ 284 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ ويسٽ انڊيز خلاف 5 ميچن ۾ 255 رنسون ٺاهيون.واضح رهي ته مارڪ چيپمين پاڪستان خلاف پنجن مان 4 ميچن ۾ ناٽ آئوٽ رهيو.










