مارڪسزم جو فلسفو، سوشلزم ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

تحريرپروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي

تاريخ جا ورق اٿلائڻ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته سرمائيداراڻي نظام جي شروعات يورپ ۾ چوڏهين پندرهين صدي عيسوي ڌاري اٽليءَ کان ٿئي ٿي، سرمائيداري نظام کان اڳ پوري دنيا ۾ جاگيرداري نظام رائج هو، انساني سماج جي ارتقا جي تاريخ جيتري پراڻي آهي، ايتري ئي پراڻي تاريخ استحصال، ڦرلٽ، جبر ۽ ظلم جي آهي، مظلوم قومن ۽ طبقن جي حقن جي ڦرلٽ وحشي دور کان مهذب دور تائين مختلف  شڪلين  رومن ڪليسا جي روپ ۾ جاگيرداري جي شڪل ۾  سرمائيداري جي شڪل ۾ ٿيندي پئي اچي جيڪا اڄ جديد دنيا ۾ پڻ جاري آهي، مظلوم ماڻهن جياپي جا جتن ڪندي  پاڻ کان ڏهوڻ تي طاقتور استحصالي قوتن خلاف هر دور ۾ بغاوتون ڪيون ۽ جياپي لاءِ جدوجهد ڪندي لکين ڪروڙين انسانن پنهنجي جانين  جا نذرانا ڏئي ايندڙنسلن لاءِ نئون اتساه پيدا ڪيو.مارڪسزم جي فڪر ۽ فلسفي اهو ٻڌايو هو ته انساني سماج ۽  تاريخ مختلف دورن ۾ مختلف نظامن مان گذري آهي ۽ پيدواري زريعن توڙي پيداواري اوزارن جيئن جيئن ترقي ڪئي آهي تيئن تيئن ابتدائي اشتراڪيت سان پهرين غلام داري دور ۽ پوءِ جاگيرداري دور آيا. هي دور سرمائيداري نظام جو آهي جيڪو اڻٽر طور سوشلزم طرف ويندو. مارڪس ان جا پڻ بنياد سمجھائيندي اهو ٻڌايو ته سرمائيداري دور ۾ محنت اجتماعي ٿي چڪي آهي تنهن ڪري ان محنت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ پيداوار تي پڻ هر هڪ جو حق آهي. مطلب ته اها پڻ اجتماعي ٿيڻ گھرجي. سوال يا تضاد اهوئي رهيل آهي!! سرمائيداري نظام انهي موجود سرشتي کي تبديل ٿيڻ نٿو ڏي. سڄي دنيا ۾ جتي به سوشلسٽ انقلاب آيا آهن، انهن واپس سرمائيداري ڏانهن موٽ کاڌي آهي.مارڪسزم جي عظيم استادن سوشلزم کي ڪميونزم تائين پهچڻ لاءِ پهريون ڏاڪو سمجهيو ته سوشلزم ترقي ڪري ڪميونسٽ سماج ۾ تبديل ٿي ويندو، پر تاريخ جي تجزئي اسان کي اهو ٻڌايو ته ايئن ڪٿي به نه ٿيو.سوويت انقلاب هڪ اهم ڪوشش هئي ته هي سرمائي جو نظام تبديل ڪري سگھجي ٿو. سوشلزم ڪو خيالي نظريو نه پر هڪ حقيقت آهي. عالمي سوشلسٽ تحريڪ جو هي هڪ ننڍو ۽ اهم قدم هو جنهن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته طبقاتي نظام ۽ ان جي هر صورت کي ڊاهي سگھجي ٿو. ايتري تائين جو هڪ صحيح انساني معاشرو به تڏهن ممڪن آهي جڏهن هي طبقاتي سماج هر صورت ختم ٿي وڃي. استحصال جي هر صورت پڻ ختم ان وقت ٿيندي جڏهن استحصال معاشرو ختم ٿي وڃي. مارڪس هڪ هنڌ لکي ٿو ته “انسان کي حاصل حق فطرت جو ڪو تحفو نه آهن ۽ نه ئي تاريخ جو ورثو آهن، پر انسان جي زنده رهڻ لاءِ ڪيل جدوجهد جو نتيجو آهن ۽ نسل در نسل حاصل ٿيل مراعتون آهن، اهي تايخ جي حاصلات آهن ۽ انهن حاصلاتن تي انهن جي مالڪي هوندي جن اهي حاصل ڪيون”. سوويت يونين 1991ع ۾ ڊٺو، هن وقت 2021ع ۾ کيس 30 سال گذري چڪا آهن. انهي عرصي ۾ سوشلزم خلاف جيڪا پروپيگنڊا ڪئي ويئي هئي اها خود سرمائيداري نظام جي استحصال  ۽ شديد جبر پاڻ ظاهر ڪري ڇڏي!! عام ماڻهو به اهو چوڻ لڳو ته هي نظام خطرناڪ ۽ عوام دشمن آهي، سوشلزم جيڪي ڳالهيون ڪيون هيون اهي درست هيون!! سرمائيداري نظام سرد جنگ کانپوءِ دنيا کي ڪو هڪ ڏينهن به امن ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آهي ويتر نام نهاد دهشتگردي جي آڙ ۾ هاڻ هر ملڪ جي مٿان هڪ تلوار لٽڪي رهي آهي ته توهان دهشتگردي جا ساٿاري آهيو ان لا۽ توهان ڏوهي آهيو ۽آمريڪا جون فوجون توهان جي سرحد تي هونديون!!! عراق ۽ افغانستان سان اهو ڪجهه ٿيو، دنيا جي وسيلن تي قبضي جي حوس هن نظام کي هڪ وحشي نظام ۾ بدلائي ڇڏيو آهي وحشت ۽ بربريت هاڻ هن جون اهم خاصيتون آهن. عوام جي وڏي اڪثريت اهو چاهي ٿي ته هن نظام جو متبادل هجڻ گھرجي!! اهو متبادل ڪهڙو هجي ۽ ڇا هجي انهي کي وري ڄاڻي واڻي وڏي حڪمت عملي سان تبديل ڪيو پيو وڃي پر آخر اهو عمل به ڪيستائين؟؟ ها اها ڳالھ ضرور آهي ته ڪميونسٽ تحريڪ پاڻ کي وري فڪري طرح منتظم ڪرڻ طرف وڌي رهي آهي، مفڪري مونجھاري گھڻي ڀاڱي حل ٿي چڪو آهي، باقي عملي طرح  ان تحريڪ جي ضرورت آهي جيڪا واقعي حقيقي متبادل فراهم ڪري.بهرحال هن وقت هڪ عالمگير عالمي ڪميونسٽ تحريڪ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي جيڪا عالمي سطح تي هڪ نقطه نظر ڏي، سرمائيداري نظام جي ڪمزورين ۽ ان کي ڪهڙي خطي ۾ ڌڪ هڻجي جي نشاندهي ٿي سگهي.ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا هن وقت مستقبل توڙي حال جي ڪميونسٽ تحريڪ جو مرڪز بنجڻا آهن ۽ اتان اڀرندڙ تحريڪون ئي عالمي ڪميونسٽ تحريڪ کي هڪ نئين طاقت طور اڳتي آڻينديون.سوشلزم سان عشق ڪندڙ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، ننڍي عمر ۾ قائد اعظم سان خطن ذريعي، اعليٰ تعليم جي حاصلات سان گڏو گڏ دنيا جي معيشت ۽ سياست جي لاهن چاڙهن کي به معلوم ڪيو. اسلام ۽ اولهه مان ڄاڻ حاصل ڪئي. سوشلزم ۽ جمهوريت جا راز کوليا ۽ ننڍي عمر ۾ جڏهن ان سياسي بلوغت حاصل ڪئي تڏهن کان وٺي هن عملي طور تي عوام سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي طبقن مزدورن، صحافين، وڪيلن، استادن، پروفيسرن، شاگردن، هنرمندن ۽ قلم ڌڻين جي تمام ويجهو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جهڙي مضبوط طاقت کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ پهريون ڀيرو سياست کي ايئرڪنڊيشن ايوانن مان ڪڍي عوام جي جهوپڙين تائين پهچايو. هن انساني حقن مرد، عورتن ۽ اقليتن جي مسئلن، تعليم، صحت ۽ زراعت جي ترقي تي خاص ڌيان ڏياريو. ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، جنگي قيدين کي ڀارت جي چنگل مان آزاد ڪرايو. وطن کي آئين جو تحفو ڏنو. اسلامي ملڪن جي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي. ٻهراڙي جي آبادي کي مراعتن، تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعي موقعا فراهم ڪيا. ايستائين جو هن ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي کي عام معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمند شهرين ۾ ريڊيو ورهايا ته جيئن هو هر وقت قومي معاملن کان باخبر رهي سگهن.پوءِ به جيڪڏهن پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نين ڪيترن ئي قومي صنعتي، ترقياتي، تعليمي، طبي ۽ تحقيقي ادارن طرف ڌيان ڏنو وڃي ته اهو معلوم ٿيندو ته ايشيا جو هي ذهين ترين انسان ملڪ کي ڪنهن انقلابي ترقي طرف وٺي وڃي رهيو هو. جتي خوشحالي، امن ۽ احساس ذمه داري ظاهر ٿيندي هجي. نه صرف هن پاڪستان کي خوشحالي ڏني پر عالمي انساني برادري وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. اسلامي ملڪن جي ٻڌي طرف توجه ڏني. فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن کي باقاعده اجاگر ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سڄي دنيا ۾ زيادتي، بک، جهالت، ڪنهن فرق ۽ تنگ نظري نظر آئي ته هو رڙ ڪري اٿيو. ملڪ جي ايوانن اندر آواز بلند ڪيو. عالمي سطح جي هر محاذ تي جنگ وڙهي ۽ مظلوم عوام لاءِ ببر شينهن هو. هُو هيو ئي ذوالفقار…..! جهالت ۽ گمراهي جي وچ ۾ ٽپي پيو، هر جڳهه تي حب الوطني، روشن خيالي ۽ ترقي پسندي کي عام ڪيو. هن ڪيترن ئي ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هن اصل ۾ ڪجهه گهرن جي حاڪميت کي ختم ڪري هڪ اهڙو خوشگوار ماحول پيدا ڪرڻ چاهيو جنهن ۾ رياست عوام جي سمورن حق جي حفاظت جي ضمانت ڏئي سگهي.بهرحال اهو عمل تيزي سان جاري آهي ته عالمي ڪميونسٽ تحريڪ نظرياتي طرح مضبوط ۽ مربوط ئي رهي آهي.ڪميونسٽ تحريڪ تيزي سان فڪري محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. هڪ دفعو وري سوشلزم مارڪسزم ۽ مارڪس، اينگلس توڙي لينن جا نظريا نوجوانن جي توجھ جو مرڪز آهن. ڇو ته اهي ئي حقيقي تبديلي طرف وٺي وڃي سگھن ٿا، مارڪسزم خلاف جيتري گھڻي پروپيگنڊا هئي اوتري تيزي سان نوجوانن ان طرف موٽ کائي رهيا آهن، اهڙي ريت ڪميونسٽ تحريڪ جو فڪري ۽ نظرياتي محاذ تيزي سان وڌي ويجھو ۽ مضبوط ٿي رهيو آهي اهو ئي سبب آهي جو مذهب اسلام ۽ اسلامي انتها پسندي نالي هڪ ڪوڙي ۽ نام نهاد سامراج مخالف تحريڪ جا بنياد وڌا ويا آهن ته جيئن عوام جي وڏي اڪثريت کي وڌ کان وڌ گمراه ڪري سگهجي، حقيقي انقلابي ۽ سامراجيت مخالف قوتون اڳتي اچي نه سگھن! چين جو  سياسي ۽ معاشي ميدان ۾ اڳڀرو ٿيڻ ۽ روس جو پنهنجي وڃايل طاقت بحال ڪري پنهنجي اصليت ( ڪميونزم) ڏانهن موٽڻ سان دنيا جي اڪثر نوجوانن ۽ سياسي ڌرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر نجات وارن نظرين ڏانهن ڇڪي رهيو آهي. سرمائيدارن جي هڪ هٺي (واپاري ۽ سياسي)، دنيا کي هڪ ٻي عالمي جنگ ڏانهن ڌڪي رهي آهي. انهيءَ حالت کي ڏسي دنيا جو مختلف سياسي قوتون ۽ خاص ڪري نوجوان ڪنهن تبديليءَ لا۽ واٽ ڳولهڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ اها واٽ يقينن  سوشلسٽ نظرئي واري ئي آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاٻي ڌر جي سڀني پارٽين کي سرمائيداري جي اوسر جو سائنسي تجزيو ڪري جدلياتي ماديت جي اصولن مطابق پنهنجي منشورن ۾ تبديليون آڻڻ گهرجن ۽ ڊائريڪٽ ڪميونزم لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ٻئي صورت ۾ نظرياتي انتهاپسندي جي وَر چڙهي وينديون. ڇو ته مارڪسزم ۽ جدلياتي ماديت جا قانون سائنس آهن ڪي مذهبي عقيدا نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو