مارجي ويل ڌاڙيل 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هئا: امجد شيخ

مارجي ويل ڌاڙيل 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هئا: امجد شيخ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ ڳالهائيندي چيو آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل گهوٽڪي ۾ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز سميت 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي امجد شيخ وڌيڪ چيو ته مارجي ويل ڌاڙيلن مان 5 ڄڻن جانو انڍڙ، سومر شر، نظرو شر، شهزادو دشتي ۽ مشيرو انڍڙ جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، مارجي ويل 3 ڌاڙيلن جي اڃا سڃاڻپ نه ٿي آهي. امجد شيخ چيو ته ڌاڙيلن کي مارڻ واري پنجاب پوليس جي دعويٰ غلط آهي، مارجي ويل 8 ڌاڙيلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن، ڌاڙيلن سان مقابلو اڃا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو