ماتمي جلوس جي رستي مان پاڻي نيڪال، صفائي جاري

ماتمي جلوس جي رستي مان پاڻي نيڪال، صفائي جاري

ٽنڊوباگو(رپورٽ: ڄام سھيل سمون) چيئرمين ٽائون ڪميٽي ٽنڊو باگو خان صاحب جمالي جي هدايتن تي اڄ ڏهين محرم جي ڏينهن ٽائون آفيسر محمد حسن ملاح ۽ رسول بخش جمالي جي نگراني ۾ ماتمي جلوسن جي گذرگاهن تان صفائي جو عمل تيزي سان جاري آهي. ٻئي پاسي شھر جي بخاري جي پڙ جتان مرڪزي مجلس عزا جو جلوس برآمد ٿيندو، ڪا به صفائي نه ٿي سگھي آھي۔ هتان جي عزادارن ۽ رهواسين انور عباسي، غلام علي خاصخيلي، مظفر حيدري ۽ ٻين انتظاميا کي وارننگ ڏني آھي ته فوري طور تي بخاري جي پڙ سميت ماتمي جلوسن جي سمورن رستن ۽ پڙن مان پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو