ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار عمر شهزاد پنهنجي والده سان گڏ گذاريل خوشگوار لمحن جي ڳالهه ڪئي آهي.عمر شهزاد تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ مهمان طور نظر آيو، جتي ميزبان کانئس سوال پڇيو ته ”توهان اهڙي ڪهڙي شخص جي وڃڻ جو ڏک سڄي زندگي وساري نه سگهندا؟ ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان پنهنجي ماءُ کان جدائي کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس ڇاڪاڻ ته والدين بي مثال هوندا آهن.اداڪاره چيو ته مان پنهنجي ماءُ کي هر ساهه سان ياد ڪندو آهيان، کيس وڇڙي 9 سال ٿي ويا آهن پر جنهن سان انسان هر روز صبح جو اٿڻ کان پوءِ ۽ پوءِ رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجو وقت ۽ پنهنجي دل سان گذاريندو آهي. ”سڀني ڳالهيون جيڪي مون ٻڌايون آهن، سي وساري نه سگهجن ٿيون.










