لڪپور مائينر کي 20 فوٽ گهارو، ڪپھ جو فصل ٻڏي ويو

لڪپور مائينر کي 20 فوٽ گهارو، ڪپھ جو فصل ٻڏي ويو

اوٻاوڙو(ن سنڌيار)اوٻاوڙو لڳ لڪپور مائينر کي 20 فوٽ گهارو سوين ايڪڙن تي مشتمل ڪپھ جو فصل ٻڏي ويو ڪروڙن جو نقصان آبادگارن پاران اعلی آفيسرن ۽ ڊي سي گهوٽڪي کان نقصان جو ازالو ڪرڻ جو مطالبو ۔ تفصيلات موجب : اوٻاوڙو لڳ نهال واھ مان نڪرندڙ لڪپور مائينر کي 20 فوٽ جو گهارو پئجي ويو آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب گهارو پوڻ جي ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪپھ جو فصل ٻڏي ويو اطلاع ڪرڻ کانپوء پنج ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود ايريگيشن عملو گهاري واري هنڌ نہ پهتو ان موقعي تي ڳوٺاڻن عبدالقادر ڀٽو فضل ڪريم ڀٽو جمال دين مهر خميسو ڀٽو عبدالواحد ڀٽو ۽ ٻين جو چوڻ هو تہ اڃان نهال واھ ۾ پاڻي پهتو ئي مس آھي تہ شاخ کي گهارا پئجي ويا آھن اسين گهاري پوڻ وقت ايس ڊي او سچل نائيچ ۽ بيلدار ياسين چاچڙ کي اطلاع ڏنو سين مگر بعد ۾ نمبر ئي بند ڪري ڇڏيائون پنهجو علائقو بچائڻ خاطر ٽي مونهي تي وڃي يوسف شر کي پئسا ڏيئي پاڻي بند ڪرايو آھي ۽ پنهنجي مدد پاڻ پنهنجا پئسا ڀري ڪرين مشين سان گهارو بہ بند ڪيو آھي اسان جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي ڪپھ جي پوکائي بور تي ڪئي هئي سين جيڪو شاخ جي گهاري سبب فصل ٻڏي ويو آھي اسان جي سال جي روزي ختم ٿي ويئي آھي اسان کي ايريگيشن کاتي وارا نقصان ڀري ڏين نہ تہ ٻي صورت ۾ ملوث عملي خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائيندا سين افسوس آھي هر سال واهن ۽ شاخن جي کاٽي ۽ ڪپر مضبوط ڪرڻ لاء ڪروڙين روپيہ ايندا آھن اهي ڪٿي خرچ ٿي رهيا آھن اسان جو وزير اعلی سنڌ ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلی آفيسرن کان مطالبو آھي راشي ايس ڊي او سچل نائيچ ، بيلدار ياسين چاچڙ ۽ يوسف شر خلاف جاچ ڪرائي اسان آبادگارن سان انصاف ڪري ٻڏي ويل فصل ڀري ڏنو وڃي ۽ گهاري کي بند ڪرڻ لاء ڪرين مشين جا پئسا ڏياريا وڃن .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو