لڪي مروت: نامعلومن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد

لڪي مروت: نامعلومن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس موجب، هي واقعو لڪي مروت جي علائقي ماچين خيل اڊا ۾ پيش آيو، جتي نامعلوم هٿياربندن پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو.پوليس ترجمان موجب، پوليس اهلڪار بيگو خيل ڳوٺ کان ڊيوٽي تي وڃي رهيا هئا ته انهن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻئي آفيسر موقعي تي ئي مارجي ويا. پوليس ترجمان چيو ته حملي آور فرار ٿي ويا جنهن کان پوءِ انهن جي لاشن کي شهر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو