لکي لڳ ڊرپ ايريگيشن پروجيڪٽ جو افتتاح

لکي لڳ ڊرپ ايريگيشن پروجيڪٽ جو افتتاح

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) سادات زرعي فارم تي سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان ڊرپ ايريگيشن سسٽم جي افتتاح تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ آبادگارن کي بهترين فصل اپائڻ جي حوالي سان ڄاڻ ڏني وئي . ان موقعي تي ڊائريڪٽر اياز حسين ابڙو ٻڌايو ته هي پروجيڪٽ 187 ملين آمريڪي ڊالرز جو آهي، جنهن ۾ آبادگارن  جديد مشينري سبسڊي تي پڻ پروجيڪٽ جي پاليسي مطابق ڏنيون وينديون، ۽ آبادگارن کي ڊرپ ايريگيشن سسٽم ذريعي فصل اپائڻ جي تربيت لاءِ فيلڊ فارمر اسڪول پڻ هلائي رهيا آهيون. تقريب ۾ جعفر ايگرو سروسز پرائيويٽ لميٽيڊ، سنڌ ايريگيشن ايگريڪلچر پروڊڪٽوٽي ۽  ٻيون زرعي ڪمپنيون پڻ شامل هيون. جنهن جو افتتاح ايم پي اي شهريار خان مهر ضلعي چيئرمين پ پ آغا مسيع الدين دراني ۽ سيد مير محمد شاھ گڏجي ڪيو. جنهن کانپوءِ ايم پي اي محمد شهريار خان مهر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ڊرپ ايريگيشن سسٽم هڪ ڪامياب سسٽم آهي جيڪو  اسانجي علائقي ۾ به اچي چڪو آهي ڇو ته هي ساريالو علائقو آهي ۽ هتي اهڙي ڊرپ ايريگيشن سسٽم جي ضرورت آهي. جيئن فصل کي لوڻياٺ کان بچائي سگهجي ان موقعي تي سيد مير محمد شاھ ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊرپ ايريگيشن سسٽم ذريعي ٿيندڙ فصل جي اپت بهترين ٿيندي، پاڻي جو ضياع گهٽ ٿيندو.ڊائريڪٽر اياز حسين ابڙو چيو ته هي سنڌ گورنمينٽ جو وڏو پروجيڪٽ آهي جنهن جي لاڳت اٽڪل 187 ملين آمريڪي ڊالرز آهي، جيڪو 5 سالن جو پروجيڪٽ آهي. هن پروجيڪٽ تحت سنڌ جي زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ واٽر ڪورس جي لائنگ ڪرڻي آهي، ان کان علاوه قطري قطري آبپاشي پاڻي جي بچت ڪري آبادگارن کي 26 هزار ايڪڙ زمين تي يونٽ سبسڊي تي مهيا ڪري رهيا آهيون. جنهن جي ڪاسٽ جو %40 آبادگار ادا ڪندو باقي %60 حڪومت ادا ڪندي. انهيءَ سان گڏ وگڏ سنڌ جي زمينن کي هموار ڪرڻ لاءِ ليزر لينڊ ليولنگ مشينون به اسان سبسڊي تي ڏيون ٿا, جنهن ۾ آبادگار 55 سيڪڙو ڪاسٽ ڏيندو باقي 45 سيڪڙو پروجيڪٽ سبسڊي ڏيندو، ان کان علاوه زمين جي لاءِ ڊيپ ڊرلنگ اوزار جيڪو زمين جي سخت تحن کي اوناهيءَ تائين کوٽيندو ته جيئن زمين ۾ آڪسيجن ۽ هوا جو گذر ٿئي، اها مشين به اسان آبادگارن کي ڏئي رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو