ليه ايراضي ڪرپشن اسڪينڊل، عمران خان  ٻيهر طلب

ليه ايراضي ڪرپشن اسڪينڊل، عمران خان ٻيهر طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن کاتي ليه ايراضي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم کي اڄ سومر 19 جون تي ٻيهر طلب ڪيو آهي اڳوڻي وزيراعظم جي ڀيڻ ۽ ڀيڻووي کي به اينٽي ڪرپشن ڊي جي خان ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي اينٽي ڪرپشن مطابق طلبي جو نوٽيس زمان پارڪ جي رهائشگاهه تي لڳائي ڇڏيو اهي اينٽي ڪرپشن مطابق وزراعظم جي ليه ايراضي اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جا چٽا ثبوت آهن ايراضي غير قانوني منتقل ڪرڻ لاءِ روينيو افيسرن تي بني گالا مان دٻاءُ وڌو ويو اڳوڻي وزيراعظم جي ڀيڻ اعظمي خان ۽ سندس مڙس تي ليه ۾ 5162 ڪنال زمين زبردستي ڦٻائڻ جو ڪيس داخل آهي اڳوڻي وزيراعظم کي پهريان 16 جون تي طلب ڪيو ويو هو پر هو پيش نه ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو