اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي.ذريعن موجب ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڪجهه ڏينهن اڳ وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست جي ايڇ ڪيو کي موڪلي هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءَ واري وزارت ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست منظوري لاءِ وزيراعظم ڏانهن موڪلي هئي، جنهن جي وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي آهي.










