ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي لاءِ مهانگي اگهه تي سرجيڪل روبوٽن جي خريداري خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت، صحت کاتي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 29 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار خاور آفريدي چيو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي پاران هڪ ڪمپني کان سرجيڪل روبوٽ 4 لک آمريڪي ڊالرن ۾ خريد ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انهي روبوٽ جي اصل قيمت رڳو 37 هزار آمريڪي ڊالر آھي، هن چيو ته جنهن ڪمپني کان روبوٽ خريد ڪيا پيا وڃن، ان کي پئسن جي ادائگي به دبئي ۾ ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي پاران سرجيڪل روبوٽ جي خريداري لاءِ ڏنل ٽينڊر رد ڪري قومي ناڻي جو زيان روڪيو وڃي










