لياقت بلوچ ۽ احسن اقبال وچ ۾ ملاقات، معاهدي تي ڳالهيون

لياقت بلوچ ۽ احسن اقبال وچ ۾ ملاقات، معاهدي تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ملڪي تاريخ جي ڪمزور ترين حڪومت آهي.جماعت اسلامي طرفان جاري بيان موجب لياقت بلوچ وفاقي وزير احسن اقبال سان ملاقات ڪئي آهي.بيان موجب لياقت بلوچ ۽ احسن اقبال وچ ۾ ڌرڻي واري معاهدي ۽ ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.لياقت بلوچ احسن اقبال کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس جلد ٿيندو.لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته فارم 45 ۽ فارم 47 تي تڪرار حڪومتن کي بي وقعت ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو