ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نائب امير جماعت اسلامي پاڪستان ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته سنڌ کي برسات نه پر نااهل قيادت ۽ ڪرپٽ نظام هٿ وٺي ٻوڙايو آهي، جنهن کان نجات اڻٽر آهي، لکين ماڻهو دربدر ۽ حڪومتي مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن پر ڪٿي به تسلي بخش حڪومتي دادرسي نظر نٿي اچي،جنگ جي حآلتن ۾ به رستا بحال ۽ هنگامي طوردريائن تي پلون جڙي وينديون آهن پرسنڌ ۾ نه صرف ريلوي بلڪه روڊ رستن جو نظام پڻ درهم برهم ۽ اذيت ناڪ آهي. جيڪو حڪمرانن جي سستي ۽ نااهلي کي اڃان وڌيڪ وائکوڪري ٿو.الخدمت فائونڊيشن پاران سنڌ ۾ ريليف سرگرميون ساراهه جوڳيون آهن.اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ قباء ڪامپليڪس ۾الخدمت سنڌ جي مرڪزي آفيس جي دوري دوران ڪيو، ان موقعي تي الخدمت سنڌ جي صدر ۽ چمڙي جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر تبسم جعفري سنڌ ۾ ٿيل الخدمت جي رليف سرگرمين توڙي اڳتي جي رٿابندي کان کيس آگاه ڪيو۽ چيو ته برسات کي ڪيترائي ڏهاڙا گذري وڃڻ باوجود شهرن توڙي اهم رستن تي پاڻي بيٺل آهي جنهن جي ڪري ريليف سرگرمين ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. سنڌ جو امير محمد حسين محنتي، اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا،ڊپٽي جنرل سيڪرٽري حافظ طاهر مجيد ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا.هن چيو ته هن وقت ٻوڏستايلن جو اهم مسئلوٻيهر آبادڪاري آهي جيڪو ڪنهن چيلينج کان گهٽ ناهي. حڪومت شهرن ڳوٺن توڙي فصلن مان پاڻي ڪڍڻ لاءَ اثرائتا اپاءُ ۽ روڊن رستن جي مرمت توڙي بحالي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪري ته جئين سنڌ جي دردن جو ڪو درمان ٿي سگهي. #










