نصير ميمڻ ( ڀاڱو پهريون)
ڪراچيءَ جي سياست ۾ عوامي حمايت کان محروم پر ٻاجهارن هٿن جي سرپرستيءَ هيٺ سياست ڪندڙ لساني گروهه پاران ڪجهه وقت کان ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري مردي ۾ نئون ساهه وڌو ويو آهي. وفاق جي علامت سڏائيندڙ گورنر هائوس ۾ گذريل هفتي سول سوسائٽيءَ جي نالي تي هڪ مخصوص سوچ رکندڙ ٽولي کي ويهاري ڪراچيءَ بابت زهريلي پروپيگنڊا ڪئي وئي آهي. سنڌي عوام جي سخت ردعمل کان پوءِ سنڌ حڪومت صوبائي اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي خلاف ٺهراءُ منظور ڪرايو. سٺي ڳالهه اها ٿي ته ان ۾ پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلاميءَ پاران به ان ٺهراءَ جي پٺڀرائي ڪندي سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي کي ٿڏيو ويو. هونئن ته ڪراچيءَ کي الڳ صوبو بڻائڻ ۽ ان کي وفاق جي انتظام هيٺ ڏيڻ وارا مطالبا نوان ناهن، پر ويجهڙ ۾ هڪ خاص لابي ان ايجنڊا تي اڳي کان وڌيڪ سرگرم ٿي وئي آهي. هن ڀيري ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين پاران ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ لاءِ ميڊيا وسيلي لڳاتار مهم به شروع ڪئي وئي آهي. ڪجهه وقت کان وفاقي وزيرن مان مائوٿ پيس طور سڃاڻپ رکندڙ ڪجهه وزيرن پاران به اهڙا بيان جاري ڪيا ويا آهن. ڪراچيءَ ۾ گل پلازا واري سانحي ۾ 70 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي سڙي وڃڻ کانپوءِ ان مهم ۾ وڌيڪ تيزي آندي وئي آهي.
ملڪ جي واحد پورٽ سٽي (گوادر اڃا ان حيثيت تي ناهي پهتو) ۽ سڀ کان وڏي ڪاروباري مرڪز هجڻ سبب ڪراچي ڪيترين ئي طاقتن جو محور بڻيل آهي. مختلف وقتن تي مختلف مفادن جي پورائي لاءِ ان شهر مان اها راند جاري رهندي آئي آهي. 1947ع ۾ شهر کي هندستان مان لڏي آيلن جي قيادت سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي گادي بڻايو ته جيئن ته ان جي ملڪيتن ۽ معيشت تي سڌو قبضو قائم ڪري سگهجي. هندستان مان لڏي آيل ڪميونٽيءَ جي قيادت پنهنجي سياسي ڪنٽرول لاءِ ان شهر کي پنهنجي سڌي ڪنٽرول هيٺ رکڻ ضروري سمجهيو. ان مقصد لاءِ خصوصي قانون سازي ڪري مقامي آباديءَ لاءِ شهر ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ واري حق کي محدود ڪيو ويو. 1947ع ۾ اويڪيو پراپرٽي جو قانون آڻي صوبي مان لڏي ويل هندن جون ملڪيتون سرڪاري ڪنٽرول ۾ آنديون ويون. هندن وٽ گروي رکيل زمينون اصل مالڪن کي واپس ڪرڻ واري سنڌ اسيمبليءَ جي بل کي قانوني شڪل نه ڏني وئي. ائين اهي ملڪيتون هندستان مان آيلن کي ڪليمن عيوض ڏنيون ويون.
اهڙيءَ طرح 1947ع کان وٺي ون يونٽ جي سڄي دور کان ويندي 1970ع ۾ ان جي انت تائين ڪراچي عملي طور اردو ڳالهائيندڙ سياسي قيادت ۽ ڪامورا شاهيءَ جي والار هيٺ رهيو. ان سڄي عرصي دوران شهر جا اصلوڪا مالڪ سنڌي ڳالهائيندڙ عملي طور شهر جي انتظامي معاملن کان ٻاهر رکيا ويا. لکن جي انگ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي لڏ پلاڻ ۽ ان جي جاءِ تي لکن جي انگ ۾ ٻاهران آيل آباديءَ سبب شهر جي ڊيموگرامي به مڪمل طور تبديل ٿي وئي. ون يونٽ جي دور ۾ اولهه پاڪستان جو انتظامي مرڪز لاهور رهيو ۽ ڪراچي مڪمل طور اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي ڪنٽرول هيٺ رهيو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي قيادت ڪڏهن به ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ سرگرم نه ٿي ۽ اوهان ڪڏهن به هنن وٽان ون يونٽ جي مخالفت ۾ ڳالهه ٻولهه نه ٻڌي هوندي.
1970ع وارين چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪي سطح جو اڳواڻ ٿي اڀريو، البته ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ ان وقت ڀٽي بجاءِ مذهبي تنظيمن کي چونڊن ۾ اهميت ڏني ۽ ڀٽي بجاءِ مذهبي ڌرين کي ووٽ ڏنا. ائين ڪراچيءَ جي قيادت شهر جي اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌين سان سياسي طور گڏجڻ واري هڪ موقعي کان ٻاهر رکيو. ان وقت ڪراچيءَ جا آسودا ۽ تعليم توڙي نوڪرين جي ميدان ۾ اڳڀرا ٿيل شهري، ٻهراڙين ۾ رهندڙ سنڌين کي پاڻ کان گهڻو گهٽ سمجهندا هئا ۽ سندن نظر ۾ ڀٽو به بس هڪ سنڌي ئي هو.
70ع جي ڏهاڪي ۾ اقتدار سنڀالڻ کان وٺي تختو اونڌو ٿيڻ تائين ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ وڏي عرصي کان پوءِ سنڌ جي اقتداري حلقن ۾ سنڌين جي نمائندگي ممڪن ٿي. ڪراچيءَ کي ٻيهر سنڌ جو حصو بڻايو ويو. ڀٽي جي دور ۾ ڪوٽا سسٽم کي آئيني حيثيت ملڻ سان صوبي ۽ ملڪ جي اهم انتظامي عهدن مان ڏهاڪن کان ٻاهر رکيل سنڌي آباديءَ کي بيوروڪريسيءَ ۾ پير رکڻ جو موقعو مليو. ڀٽي جي دور ۾ چڱي موچاري انگ ۾ سنڌي وزير سرڪار جو حصو بڻيا، البته ان وقت تائين سنڌي ڳالهائيندڙ انتظامي عهدن تي اڃا به محدود انگ ۾ ئي هئا، تنهن هوندي به ڪراچيءَ جي اردو آباديءَ جي قيادت کي اهو دور ماضيءَ واري مڪمل انتظامي قبضي جي ڪمزور ٿيڻ سبب پسند نه هو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڀٽي جي خلاف تحريڪ هلي ته ڪراچيءَ جي قيادت ان ۾ گهڻي اڳڀري هئي. کين پتو هو ته ڀٽو حڪومت جي ڊگهي عرصي تائين هلڻ جي صورت ۾ سندن سنڌ مٿان هڪ هٽي وڏيءَ حد تائين ختم ٿي ويندي. 1947ع کان پوءِ پنجن ورهين جو اهو مختصر عرصو اڄ تائين ڪراچيءَ جي سياسي قيادت اڻوڻندڙ دور طور ياد ڪندي رهندي آهي.
ضياءَ پاران ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ کان پوءِ رياستي معاملن مان سنڌين کي ٻاهر ڪڍيو ويو. 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌين پاران ضياءَ شاهي خلاف جنهن نفرت جو اظهار ڪيو ويو، ان کان پوءِ ضياءُ الحق لاءِ سنڌين کي انتظامي ۽ سياسي معاملن کان پري رکڻ اڻ ٽر ضرورت بڻجي ويو. نتيجي ۾ سياسي توڙي انتظامي معاملن ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي اڳ واري هڪ هٽي بحال ٿي وئي. البته ان عرصي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي بيوروڪريسيءَ ۾ نمائندگي اڳ کان ڪجهه بهتر ٿي چڪي هئي. ضياءَ پاران سنڌ ۾ شديد عوامي نفرت ۾ واڌ کان بچڻ لاءِ ڀٽي جي دور ۾ لاڳو ٿيل ڪوٽا سسٽم ۾ ڏهن سالن جي واڌ پڻ ڪئي وئي.
80/90ع وارن ڏهاڪن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بينظير ڀٽو جي وزير اعظم ٿيڻ سان سنڌين کي ملڪي اقتدار ۾ پير رکڻ جو موقعو مليو، پر سندس حڪومت ٻه ڀيرا ڪيرائي وئي. انهن ورهين دوران ايم ڪيو ايم کي سندس حڪومت خلاف لڳاتار استعمال ڪيو ويو. ان وقت تائين سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي سينيئر سطح جي ڪامورا شاهيءَ ۾ چڱي موچاري نمائندگي ٿي چڪي هئي. 70ع جي ڏهاڪي ۾ قائم ٿيل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان سنڌي ڳالهائيندڙن جو هڪ وڏو انگ پروفيشنل شعبن ۾ پير رکي چڪو هو. هيٺين ۽ وچولي سطح جي عهدن تي به وڏي انگ ۾ سنڌي آفيسر اچي چڪا هئا. انهن ورهين دوران به ڪراچيءَ جي اردو آباديءَ جي قيادت اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري رهي. انهن ورهين دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ خوفناڪ دهشتگردي ۽ رتوڇاڻ ٿيندي رهي.
1999ع ۾ مشرف پاران اقتدار ۾ اچڻ سان اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي نمائندن کي سنڌ مٿان مڪمل انتظامي ڪنٽرول حاصل ٿيو. صوبي جون اهم ترين وزارتون جهڙوڪ گهرو کاتو، مڪاني ادارن وارو کاتو، صحت، تعليم، ناڻو، ترقيات وغيره سڀ سندن حوالي ٿيو. ان دور ۾ ايم ڪيو ايم نه رڳو هزارن جي انگ ۾ پنهنجا ماڻهو صوبائي ۽ شهري کاتن ۾ ڀرتي ڪرايا پر شهر جي سرڪاري زمينن ۽ پارڪن تي به وڏي پيماني تي والار ڪئي. صوبي ۾ ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ٿيڻ سان ايم ڪيو ايم شهر توڙي صوبي جي اڇي ڪاري جي مالڪ ٿي وئي ان دور ۾ ڪروڙين رپيا لنڊن سيڪريٽريٽ منتقل ٿيندا رهيا. سياسي، انتظامي ۽ مالڪي لحاظ کان ايم ڪيو ايم وٽ مڪمل ڪنٽرول رهيو، اهو ئي سبب آهي، جو اردو ڳالهائيندڙ، آباديءَ جا جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند سڏائيندڙ به ان ڊڪٽيٽر شپ کي سونهري دور سمجهندي ان جي واپسيءَ جي حسرت ڪندي نظر ايندا آهن.
مشرف جي ڏهاڪو ورهين واري ان اونداهي دور جي انت وقت بينظير ڀٽو جو قتل ٿي چڪو هو ۽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت آصف زرداريءَ جي شڪل ۾ هڪ بنهه مختلف ماڻهوءَ جي حوالي ٿي چڪي هئي. ان دور تائين پهچندي ڪراچيءَ ۾ نه رڳو ڪامورا شاهيءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ اهم عهدن تي پهچي چڪا هئا، پر سنڌي آباديءَ جو انگ به ڪراچيءَ ۾ اڳي کان گهڻو وڌي چڪو هو. زرداريءَ جي پيپلز پارٽي انهن سڀني هنرن ۾ ڀڙ آهي، جيڪي ڪراچيءَ جي اردو آباديءَ جي قيادت ڏهاڪن کان آزمائي رهي هئي. اسٽيبلشمينٽ جو نئون مهرو نه رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ڏيتي ليتي جا سمورا گر ڄاڻيندڙ آهي، پر شهرن ۾ زمينن کان وٺي ڪمائي جي سمورن ذريعن جي به اندر ٻاهر کان واقف آهي. نتيجي ۾ نئون کلاڙي سنڌ اندر نه رڳو پارٽي حڪومت کي لڳاتار قائم رکندو آيو آهي، پر هن ڪراچيءَ ۾ ڪمائيءَ جي سمورن وسيلن کي مرضيءَ سان هلائڻ لاءِ پنهنجي ٽيم به ٺاهي ورتي. ايم ڪيو ايم تي واڳ ڌڻين جي ڪاوڙ کان پوءِ اسلام آباد ۽ پنڊيءَ مان ملندڙ سرپرستي به اڳ جهڙي نه رهي. مٿان وري پي ٽي آءِ ڪراچيءَ جي ووٽ بئنڪ تي والار ڪري ورتي، هوڏانهن سنڌي، پشتو ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ جي آباديءَ جو انگ به شهر ۾ تيزيءَ سان وڌي ويو. اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جا پڙهيا لکيا ماڻهو اڳي ئي شهر جي حالتن سبب پرڏيهه لڏيندا رهيا هئا. ان سڄي صورتحال جو نتيجو اهو نڪتو جو اردو ڳالهائيندڙن جي قيادت کي سخت ڳڻتي ٿي وئي ته شهر مٿان هاڻي اڳي جهڙو قبضو نه رهيو آهي.
1998ع ۾ ٿيل آدم ڳڻپ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي شهر جي ڪل آبادي جو 48.5 سيڪڙو هئي، جيڪا 2017ع ۾ گهٽجي 42 سيڪڙو وڃي بچي هئي. 2023ع ۾ اهو حصو گهٽجي 35 کان 40 سيڪڙو اچي رهيو هو، جنهن کي خاص فرمائش تي آخر ۾ تبديل ڪرائي 50 سيڪڙو ڏيکاريو ويو. ايم ڪيو ايم کي خبر آهي ته سندن راند هاڻي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪي آهي، اسٽيبلشمينٽ گذريل چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي ٻاهر رکڻ لاءِ کين سنڌ ۾ ڪجهه سيٽون کٽرايون، پر کين اصل حقيقت چڱيءَ ريت خبر آهي ته کين شهر مان اردو آباديءَ به ووٽ ناهن ڏنا. مٿان وري مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ شهري حڪومت به کانئن ڦري ورتي. ان سڄيءَ صورتحال ۾ شهر جي زمينن ۽ ڀتن تان به سندن والار ختم ٿي چڪي آهي. ان نفرتي ٽولي وٽ هاڻي سواءِ ڪراچيءَ کي الڳ ڪري صوبو ٺاهڻ يا وفاق حوالي ڪرڻ واري تعصبي سياست جي ڪجهه به ناهي بچيو. گل پلازا واقعي کين هڪ نئون وجهه فراهم ڪري ڏنو آهي، شهر جو انفرااسٽڪچر ۽ عوامي سهولتون اڳ جيتريون ئي سٺيون يا خراب آهن، انهن تي روڄ راڙو به اڳ جيان ئي هلندڙ آهي. ان ڪريل مهم ۾ سندن ساٿاري اها بدبودار مين اسٽريم ميڊيا آهي، جيڪا شهر جي مسئلن کي هر وقت لساني رنگ ڏيندي رهي ٿي. ان تعصبي گورهه کي ڪراچيءَ واسين يا سندن مسئلن سان ڪا به همدردي ناهي، سندن اصل مسئلو ڪراچيءَ جي وسيلن تان سندن هڪ هٽي ختم ٿيڻ آهي. اسٽيبلشمينٽ کي مليل نئين ساٿاري جي شڪل ۾ هڪ اهڙو اتحادي ملي ويو آهي، جيڪو سندن سمورا مطالبا پورا ڪري ٿو ته سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪن کي ٻنجو به ڏئي ويٺو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ واسي وري به تڪراري واهن جهڙن مسئلن ۾ پ پ قيادت کي اسٽيبلشمينٽ جي خواهش پوري ڪرڻ نه ٿا ڏين، تنهن هوندي به ٻن صوبن ۾ هٿيار بند بغاوتن ۾ منجهيل اسٽيبلشمينٽ کي سنڌ واري پاسي کان ڪجهه رليف مليل آهي.










