لاڙ ۾ زرعي تربيت بابت جو ادارو قائم ڪرڻ جي خاطري

لاڙ ۾ زرعي تربيت بابت جو ادارو قائم ڪرڻ جي خاطري

ٺٽو ( ڊر ) لاڙ جي هارين ۽ مالوند ماڻھن جي اولاد کي جديد  زرعي،سائنسي ۽ چوپائي مال جي پالنا جي تربيت ۽ تعليم ڏيڻ  لاء  لاڙ ۾ زرعي تربيتي اداري جي قيام لاء  سنڌ ڪلچرل فورم جي باني  چيئرمين صادق لاکو ۽ عباس ملاح جي قيادت ۾ ھڪ وفد ايم اين اي سيد اياز علي شاھ  شيرازيء ۽ ايم پي اي سيد شاه حسين شاه شيرازيء سان ملاقات ڪئي،ملاقات دوران وفد چونڊيل عيوضين کان مطالبو ڪيو ته لاڙ جي خطي ۾ سڪرنڊ ۽ جيڪب آباد جيان زرعي تربيتي ادارو قائم ڪرائڻ لاء پنهنجا وسيلا،واسطا ۽ اختيار استعمال ڪن ڇاڪاڻ ته ٽنڊومحمد خان،بدين، سجاول ٺٽو ملير ضلعن جي آبادگارن ۽ مالوندن ۽ جانورن جي پالنا ڪندڙن جو اولاد تعليم ۽ سکيا حاصل ڪري سگهي وفد سان ڳالهائيندي ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي ۽ ايم پي اي شاه حسين شاه شيرازيء چيو ته سنڌ ڪلچرل فورم جو زرعي تربيتي ادارو قائم ڪرڻ وارو مطالبو جائز ۽ وقت جي اهم ضرورت آھي لاڙ ۾ ھن قسم جي اداري جي سخت ضرورت آھي انڪري سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين اختيارين سان ڳالهائي اهو ادارو قائم ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو