لاڙ سنڌ پليدار مزدور يونين جا نوان عهديدار چونڊجي ويا

لاڙ سنڌ پليدار مزدور يونين جا نوان عهديدار چونڊجي ويا

ٽنڊو محمد خان(لال بخش سٺيو) سنڌ پليـدار مزدور يونين جون چونڊون ٽنڊو محمد خان ۾ منعقد ٿيون. جنھن ۾ صدر نويد علي نوناري سينيئرنائب صدر محمد صديق سمون نائب صدر لکاڏنو جاکرو، نائب صدر مصري ملاح، جنرل سيڪريٽري رمضان ملاح، ڊپٽي سيڪريٽري عبدالستار راھمون، جوائنٽ سيڪريٽري محمد حسن خاصخيلي، ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري مدد علي نظاماڻي ۽ پريس سيڪريٽري اڪبر سمون، رابطا سيڪريٽري دلدار قمبراڻي ۽ اطلاعات سيڪريٽري سومار شاھ کي چونڊيو ويو آھي ان موقعي تي سنڌ جي لاڙ پٽي کان پھتل مزدورن کي خطاب ڪندي چونڊيل نئين صدر نويد علي نوناري چيو تـ ھاڻي وقت اچي ويو آھي تـ پنھنجو حق حاصل ڪرڻ لاء لاڙ سنڌ جي مزدور ڀائرن کي اتحاد جوڙي ميدان تي اچڻو پوندو. ھن تمام لاڙجي مزدورن جو شڪريو ادا ڪندي چيو تـ جنھن طرح مون مٿان مزدور ڀائرن اعتماد ڪيوآھي ۽ آئون بـ انشاء الله جيستائين ساھ آھي ساڻن ڏک سک ۾ گڏ رھندس ۽ جلد حيدرآباد ۾ لاڙ سنڌ پليدار مزدورن جو وڏو ڪنويشن منعقد ڪرائينداسين. اڄوڪين چونڊن ۾ ماتلي ٽنڊو باگو بدين تلھار ٽنڊو الھيار بلڙي شاھ ڪريم ٽنڊو غلام حيدر گولاڙچي ڪڙيو گنھور ۽ سجاول سميت ڪيترن ئي شھرن جي مزدور يونين جي پورھيت اڳواڻن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو