لاڙڪاڻي ۾ ٻئي بين الاقوامي يوٿ انٽرپرينيورز سمٽ

لاڙڪاڻي ۾ ٻئي بين الاقوامي يوٿ انٽرپرينيورز سمٽ

لاڙڪاڻو(پريس رليز) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ ٻئي بين الاقوامي يوٿ انٽرپرينيورز سمٽ پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهرعلي شاهه ۽ غلام مصطفي شيخ جي سربراهي ۾ ٿي گذري، بزنس ڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان صنعتي، ،ڪاروباري، ثقافتي، تفريحي اسٽالن سان گڏ راندين توڙي مختلف کاڌن جا جا اسٽال لڳائي پنهنجي صلاحيتن کي اُجاگر ڪيو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعه سيال ۽ ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر ارشد حيدر سميت شهر جي سڄاڻ ڌرين شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان لڳايل اسٽالن جو دورو ڪري جائزو ورتو ۽ شاگردن جي محنت کي ساراهيو. بزنس ڊپارٽمينٽ جي سربراهه جي ايم شيخ، شگفته شيخ، علي مصطفيٰ ابڙو سميت ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي رهنمائي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعه سيال جو چوڻ هو ته تعليم سان گڏ اهڙين ھم نصابي سرگرمين ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ جا موقعا ملندا ۽ اهڙي قسم جا پروگرام مستقبل ۾ منعقد ڪيا وڃن جيئن انهن جي ڀرپور حوصلا افزائي ٿي سگهي. هن چيو ته دنيا ڏينهنون ڏينهن ترقي ڪندي پئي وڃي نوجوانن کي سڄي زندگي نوڪرين جي انتظار ۾ ويهڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪرڻ گهرجن جيئن هو اڳتي هلي وڏا واپاري ۽ سيڙپڪار ٿي سگهن، اڄ هتي اچي ڏاڍي خوشي ٿي آهي شاگردن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت لڳايل مختلف شين جا اسٽال ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي. پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته بين الاقوامي يوٿ انٽرپرينيورز سمٽ ڪرائڻ جو جو مقصد شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي ته جئين هو سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪري پنھجي وس آھر مليل موقعن مان نـ صرف پاڻ فائدو وٺي سگھن پر ٻين کي بـ ان فائدي ۾ شريڪ ڪن ۽ اھڙي طرح اسانجو ملڪ ۽ معاشرو وڌيڪ پرامن ۽ ترقي پسند ٿيندو ۽ خوشحالي ماڻيندو. ڊاڪٽر شاھ چيو تـ پروگرام جا آرگنائيزر جس لهڻن جن تمام گهڻي محنت ڪري اهڙي قسم جو ميلو مچايو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو