لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، دڪاندار قتل

لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، دڪاندار قتل

لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري دڪاندار کي قتل ڪري ڇڏيو. لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪرياني جي دڪان تي فائرنگ ڪري دڪاندار مختيار ميمڻ کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار ٽن هٿياربندن فائرنگ ڪري باقراڻي روڊ واسي ڪرياني جي دڪان مالڪ 42 سالن جي مختيار ميمڻ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو