لاڙڪاڻي جي ٽيچرس ڪالونيءَ جا بنيادي مسئلا ڪڏهن حل ڪيا ويندا

لاڙڪاڻي جي ٽيچرس ڪالونيءَ جا بنيادي مسئلا ڪڏهن حل ڪيا ويندا

تحريراعجاز علي ابڙو

سنڌ جي تاريخي شهيدن جي شهر لاڙڪاڻو جي هڪ پنهنجي حيثيت ، بيهڪ ۽ هڪ وڏي تاريخ آهي، انهيءَ لاڙڪاڻو شهر جي ٽيچرس ڪالونيءَ ۾ گذريل 26 سالن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي 13 سالا تاريخ ۾ پ پ پ حڪومت پاران ڪي به ترقياتي ڪم ڪار نه ڪرايا ويا آهن، جنهن ڪري هيءُ علائقو پڙهيل لکيل آباديءَ تي مشتمل ڪنهن سئو سالا پراڻي قديم ڳوٺ ٻهراڙيءَ جو ڏيک ڏيندو رهي ٿو، هن علائقي ۾ هن جديد دور ۾ ڊرينيج سسٽم جو ڪو به وجود ناهي، ايڏي وڏي ۽ قديم آباديءَ کي ڪو به روڊ رستو پڪو ٺهرائي نه ڏنو ويو آهي، هن علائقي جا سمورا ماڻهو هڪ وڏي آباديءَ تي مشتمل هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ سوئي گيس جي ڪا به سهولت نه هجڻ ڪري ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته هر حڪومت جي اها دعويٰ رهي آهي ته اسان ملڪ جي عوام کي بجليءَ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي پر بدقسمتيءَ سان لاڙڪاڻي شهيدن جي شهر ۾ ٽيچرس ڪالونيءَ کي ڪا به بجليءَ جي سهولت ميسر ڪونهي، جنهن ڪري اتان جا رهواسي هن جديد دور ۾ به انڌاهيءَ ۾ راتون گذارڻ تي مجبور آهن ۽ ڏينهن جو گرمين جي موسم ۾ تڙپندا رهن ٿا ۽ سياري جي راتين ۾ بجلي نه هجڻ ڪري سمورين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي نعمتن کان محروم بڻيل آهن، جنهن ڪري ٽيچرس ڪالونيءَ جا رهواسي خاص ڪري استادن جي اولاد نوجوان شاگرد علائقي ۾ بجلي نه هجڻ ڪري تعليمي چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان پوئتي رهجي وڃن ٿا، جڏهن ته جيڪي معاشري کي علم جي روشنيءَ سان منور ڪندڙ استاد آهن انهي جي گهرن ۾ سوئي گيس جي سهولت نه هجڻ ڪري ٽائيم تي چلهه نه ٻري سگهي ته پوءِ اهڙي معاشري تي افسوس کانسواءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو ! ، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي دعويٰ آهي ته اسان سڄي سنڌ جي اندر ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي پر گذريل 13 سالن کان لاڙڪاڻي شهيدن جي شهر ۾ ٽيچرس ڪالوني بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، جنهن لاءِ بار بار وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن سابقه ۽ موجودهه حڪومتن خاص ڪري پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت ۽ ضلع انتظاميه وٽ درخواستون ڏيڻ سميت روبرو ٽيچرس ڪالونيءَ جا بنيادي مسئلا معزز استاد پيش ڪري چڪا  آهن پر ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي، اهڙين حالتن ۾ سنڌ جا استاد ڪنهن در دانهن ڏين ؟، هن چوٽ چڙهيل مهانگائيءَ واري دور ۾ پنهنجو گهر ٺهرائڻ ڄڻ پاڻ سان دشمني ڪرڻ وارو اوکو ڪم سمجهو وڃي ٿو ، جڏهن ته استادن پنهنجي حال مطابق گهر ته ٺاهيا آهن پر انهن کي گذريل 26 سالن کان بنيادي سهولتون نه ملي سگهيون آهن جنهن ڪري هڪ وڏي آبادي مسئلن جو شڪار آهي، انهي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جا استاد جنهن ۾ پرائمري، هائير سيڪنڊري ، سپروائيزر ، ايس ڊي اوز سميت ٻيا شامل اهي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ لاڙڪاڻو تڪ جي قومي اسيمبلي جي چونڊيل ايم اين اي  بلال ڀٽو زرداري، لاڙڪاڻو جي صوبائي تڪ مان چونڊيل ميمبر معظم علي عباسي ، حڪومت سنڌ سميت ضلع انتظاميه لاڙڪاڻو کان گهر ٿا ڪن ته فوري ۽ هنگامي طور تي لاڙڪاڻي شهيدن جي شهر جي ٽيچرس ڪالونيءَ کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جيئن هڪ وڏي ڪثير استادن جي آبادي سک جو ساهه کڻي سگهي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ٽيچرس ڪالونيءَ جي واهر ڪندڙن کي ڀرپور تعداد ۾ استاد برادري ۽ انهن جون فيمليون خاندان ووٽ ڪري سگهن. جيڪڏهن موجودهه عوامي پارٽي سڏائيندڙ پيپلز پارٽي به استادن جي آباديءَ علائقن ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ اڃان ناڪام رهي ته پوءِ باقي ڪڏهن ۽ ڪهڙي پارٽيءَ کان اميد ڪري سگهجي ٿي، انهي لاءِ دير آيا درست آيا واري پهاڪي مطابق عمل ڪندي لاڙڪاڻي شهيدن جي سرزمين سان وابسته ٽيچرس ڪالونيءَ کي روڊ، رستا، ڊرينيج سسٽم جون بنيادي اهم ضرورتون ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ سميت سوئي گيس، بجلي ڏيڻ جا انتظام ڪيا وڃن ته جيئن هيءَ هزارين انسانن تي مشتمل آبادي به شهر ۾ رهندي شهري ايريا واريون سهولتون حاصل ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو