تحريرعبدالفتاح عباسي
لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مختلف شعبن ۾ مڃتا ماڻيندڙ شخصتن جي اداري “ لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان” جون چونڊون ٿي گذريون، جنهن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪمال ٽئلنٽ جي هيروز پنهنجي جمهوري راءِ مطابق ووٽ ڪاسٽ ڪري بهترين ٽئلنٽ جي پرک رکندڙ ۽ اداري جي بهتريءَ لاءِ پنهنجي پراڻي روايتن کي برقرار رکندي صلاحيتن جي مالڪ دوستن کي ووٽ ڪري ڪامياب ڪري ڏيکاريو، جنهن ۾ شاهه لطيف پيپلز ڪلچرل پئنل جي صدارتي اميدوار انجنيئر جاويد احمد شيخ سميت پوري 14 پئنل جي اميدوارن جي مڪمل طرح ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، آرٽس ڪائونسل ۾ سياسي،سماجي، ڪاروباري تنظيمن سميت لاڙڪاڻو جي معززشهرين چونڊجي آيل اڳواڻن کي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون. لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل جي چونڊن ڏهاڙي سياري جي هوائن جو به سٺو زور هيو ۽ وري آرٽس ڪائونسل جي اليڪشن جي سلسلي ۾ صبح سوير ئي ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا هئا، جڏهن ته آرٽس ڪائونسل جي مرڪزي گيٽ وٽ لڳايل استقباليه ڪئمپن تي ٻنهي پئنل جا اميدوار آيل ميمبرن جي استقبال لاءِ ڀليڪار ڪرڻ لاءِ بيٺا رهيا، اليڪشن جي ڏهاڙي تي لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪ قسم جو سچل ڪالونيءَ ۾ ڄڻ ته ميلي جو سمان هجي، هرطرف خوشين ڀريو ماحول برپا ٿيل هيو، هن اداري جا سمورا ميمبر معزز ۽ معتبر آهن انهن جي ووٽ سان هن اداري جي بهتري جو رستو متعين ٿئي ٿو ۽ پوءِ صلاحيتن جا مالڪ نروار ٿيندا رهن ٿا، آرٽس ڪائونسل کي روايتي انداز ۽ طور طريقي ۾ هلائڻ بجاءِ هن کي عملي طرح پلان ۽ پلاننگ جي طرز تي جيڪڏهن کڻي هلبو ته هن اداري سان وابسته سوين ميمبر اصل مقصد کي ماڻي سگهندا، هونئن به ٻڌايو وڃي ٿو ته پوري سنڌ ۾ ڪراچيءَ کانپوءِ لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل اهو واحد ادارو جيڪو ٻئي نمبر تي وڏو اعزاز ماڻي رهيو آهي، هن اداري جا ميمبر نه صرف لاڙڪاڻو شهر بلڪ سنڌ ، پاڪستان ۽ دنيا جي اندر پنهنجا مثالي ڪردار نروار ڪري چڪا آهن پوءِ انهيءَ ۾ اسٽيج جي دنيا هجي يا وري ڊراما سيريل جو منفرد انداز ڇو نه هجي، نه صرف ايترو بلڪ هن ئي اداري سان لاڳاپيل معزز ميمبرن ۾ بهترين ڪالم نگار، اديب، شاعر، ليکڪ، رائيٽرز، فنون و لطيفه سميت ٻين ٻين ڪرت ۾ پاڻ ملهائي چڪا آهن، جنهن ڪري لاڙڪاڻي جي سرزمين کي سنڌ جي سونهن ۽ خوبصورتيءَ جو هڪ مظهر ۽ باب سڏيو وڃي ٿو، دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ لاڙڪاڻو سنڌ جا ماڻهو ملندا جيڪي انتهائي سٻاجهڙا، ميٺاڻا، مهمان نواز، مختلف انمول خوبين جا مالڪ ۽ خوبرو انداز رکندڙ هوندا، لاڙڪاڻو شهر پوري دنيا ۾ انهن هتان جي ماڻهن جي بهترين صلاحيتن جي مالڪ هجڻ جي حوالي سان مشهور پڻ آهي، هن ئي شهر لاڙڪاڻو جي ڳالهه تيسيتائين نامڪمل ۽ اڻ پوري ليکي ويندي آهي جيسيتائين ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست جي ڊڪشنريءَ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد بشير خان قريشي ۽ اهڙن ٻين جانثارن جا نالا سرفهرست نه هجن، هن شهر لاڙڪاڻو ۾ هر سطح تي وڌ ۾ وڌ ٽئلنٽ صلاحيتن سان ڀرپور نوجوان ملندا جيڪي پنهنجي محنتن سان ملڪ پاڪستان جي اندر ۽ پرڏيهه ۾ آمريڪا هجي يا برطانيه سميت ٻين ملڪن ۾ پنهنجي ٽئلنٽ صلاحيتن کي ظاهر ڪندي دنيا جي ٻين قومن جي اڳيان لاڙڪاڻو سنڌ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، انهيءَ شهر لاڙڪاڻو جي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جو اڳواڻ صدر، جنرل سيريٽري يا ٻيو ڪو عهدو ماڻڻ ڪا مذاق جي ڳالهه ناهي بلڪ هڪ وڏو اعزاز ماڻڻ آهي، انهيءَ ڪري هن اداري جي سرواڻ روح روان قائدين کي گهرجي ته هو هن اداري جي مختلف شعبن جي چيئرمين کي هڪ پلان ڏين ته اهي پنهنجي ٻه سالا عرصي دوران ڪهڙيون منفرد شيون ايونٽ سامهون آڻڻ چاهين ٿا ۽ انهي سان گڏوگڏ ئي آرٽس ڪائونسل جي ميمبرن لاءِ آل پاڪستان مطالعاتي دورو ( اسٽڊي ٽوئر )، سمورن ميمبرن جي هڪ هڪ پيج تي هسٽري بائيو ڊيٽا وارو ڪتاب ترتيب ڏيڻ، سٺن اديبن، ڪالم نگارن، شاعرن جيڪي حالتن جي ستم ظرفيءَ سبب ڪتان نٿا شايع ڪرائي سگهن انهن جي مواد کي يادگار بڻائيندي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ، سمورن شعبن جي چيئرمين کي پابند ڪرڻ ته اهي پنهنجي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندي هڪ نئين راويت کي اڳتي وڌائيندي لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل جي خوبصورتي ۾ اضافو آڻين.جيئن فون و لطيفه سان وابسته پنهنجا ۽ پراوا اهو اعتراف ڪري چئي سگهن ته چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل جي شاهه لطيف پيپلز پئنل وارن معزز دوستن رڳو ڳالهه نه پر عملي طرح هڪ مثالي ۽ يادگار ڪم ڪار ڪري هن اداري ۾ هڪ دفعو نئين جان آڻي ڇڏي آهي، اسان جي ادارن جي بهتري اسان سڀني ميمبرز جي عزت ليکي ويندي، هن اداري ۾ هاڻي ضرور نيون مثبت قسم جون سرگرميون عيان ٿينديون ۽ بهترين روايتن جو بنياد پوندو، ڇاڪاڻ ته موجودهه چونڊجي آيل لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل ۾ شاهه لطيف پيپلز پئنل جا سمورا دوست پنهنجي فن پنهنجي ڪرت ۾ انمول ۽ بيمثال تجربو رکندڙ آهن ۽ انهن ۾ صدر جاويد احمد شيخ، جنرل سيڪريٽري عبدالستار کهاوڙ، فنانس سيريٽري منور علي رند توڙي ٻيا ڪاهوڙي قسم جا مضبوط ارادن وارا اڳواڻ آهن انهن سمورن بي مثال ڪردارن جي هن اداري سان سچائي، نيڪ نيتي ۽ مخلصانه محبت آهي جو اهي سمورا 14 ئي دوست يعني پورو جو پورو پئنل وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي چڪو آهي، وقت ۽ حالتن موجودهه ڪاميابي ماڻيندڙ دوستن مٿان وڏي ذميواري عائد ڪئي آهي اميد ته هي خوبرو دوست پنهنجي محنتن جاکوڙ سان هن اداري ۽ انهيءَ جي ميمبرن لاءِ نواڻ ۽ منفرد قسم جي سوچ سان نت نوان پروگرام ، سرگرميون، ايونٽ آڻيندي هڪ قدم اڳتي وڌائيندي پنهنجي اداري “ لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ” کي مثالي بڻائڻ جون ڪوششون وٺندا. جيئن ايندڙ وقت ۾ هن چونڊيل باڊيءَ جا مثال ڏيئي سگهجن ۽ انهن بهترين روايتن کي برقرار رکڻ لاءِ ٻيا چونڊجي ايندڙ اڳواڻ پڻ فالو ڪندا رهن اها ئي اصل ۾ ڪاميابي آهي، پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته هن صلاحيتن جي مرڪز ۽ محور ۾ ڪنهن ڪيتري محنتن سان هڪ ٻوٽو لڳايو ۽ انهيءَ جو ڦل ميوو پوءِ ڪير ڪير کائيندا.انهيءَ جو ڪو به اندازو نٿو ڪري سگهي. تنهن ڪري انفرادي ذاتي خصيص مفادن بجاءِ اجتماعي سوچ لاءِ ئي ڪم ڪيو وڃي جيڪا پوري معاشري لاءِ بهترين عڪس هوندي آهي.










