لاڏلي کي جيڪي رعايتون ڏنيون ويون،ھڪ سواليھ نشان آھن؛شرجيل

لاڏلي کي جيڪي رعايتون ڏنيون ويون،ھڪ سواليھ نشان آھن؛شرجيل

،ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪوبھ قانون کان بالاتر ناھي، نھ ئي ڪنھن کي قانون ٽوڙڻ جي اجازت ڏئي سگھجي ٿي، پيپلز پارٽي جي قيادت سدائين قانون جي بالادستي کي اوليت ڏني آھي ۽ عدالتن اڳيان پيش ٿيندي رھي آھي. سنڌ آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھر پاڪستان قانون جي اڳيان پيش ٿيندو آھي، ڪوبھ قانون کان مٿانھون ناھي. اسان ڪنھن جي گرفتاري تي خوش ناھيون ٿيندا، پر قانون جي اڳيان سڀ برابر آھن، اڄ جنھن عمران خان جي خلاف فيصلو آيو آھي ھي اھو شخص آھي جيڪو پنھنجي سياسي مخالفن کي چور ۽ ڌاڙيل ڪوٺيندو ھو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسان جي باني ليڊر ۽ عوام جي محبوب ليڊر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاھي چاڙھيو ويو، محترمھ بينظير ڀٽو تي ڪيترائي ڪوڙا ڪيس ٺاھي کيس پريشان ڪيو ويو،پر پيپلز پارٽي قانون جي بالادستي جو علم کڻي اڳتي وڌندي رھي. ھن چيو تھ سياسي پارٽيون پوليس تي پيٽرول بم سان حملن جي ھُشي ناھن ڏينديون، نھ ئي خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن، جيڪو شخص ٻين تي چور ۽ ڌاڙيل ھجڻ الزام مڙھيندو ھو، اڄ اُن تان ڪوڙ جو نقاب لھي ويو آھي. ھن چيو تھ اڳوڻي وزير اعظم جي دور ۾ صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪيو ويو ۽ محترمھ فريال ٽالپر کي عيد جي رات اسپتال مان نيو ويو، اسان ڪڏھن بھ نھ چاھينداسين تھ ڪنھن جي گھر جون عورتون سياسي مخالفت ۾ گرفتار ٿين، پر ھن شخص معاشرتي قدرن جو ڀرم نھ رکيو ، ھن شخص بي اعتمادي جي تحريڪ کي غلط طريقي سان ملڪي بدنامي جو سببب بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن چيو تھ جنھن شخص ڪعبي جي نشان واري گھڙي وڪرو ڪري ڇڏي اھو ڪيترا ڪوڙ ڳالھائيندو رھيو پر کيس رليف ملندو رھيو، سندس خلاف ڪا ڪارروائي نھ ڪئي وئي، ھن شخص آمراڻي سوچ تحت سياسي مخالفن کي نشانو بڻايو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان جا ڪيس اوپن اينڊ شٽ ڪيس آھن، فارن فنڊنگ ڪيس اوپن اينڊ شٽ ڪيس آھي، ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ وٺندڙن تي قانون جي گرفت ھجڻ گھرجي… ھن چيو تھ آصف علي زرداري بنا ڪنھن ڏوھھ جي جيل ۾ رھيو پر ھُن ڪڏھن بھ ادارن ۽ عدليھ تي حملا ناھن ڪيا، رياست، آئين ۽ قانون کان مٿانھون ڪير بھ ناھي، جيڪڏھن ڪنھن کي عدالتي فيصلي تي اعتراض آھي تھ اھو اعليٰ عدالتن ۾ وڃڻ جو پورو حق رکي ٿو. اطلاعات واري وزير چيو تھ جنھن طريقي سان کيڏاڙ ڪيو ويو، لاڏلي کي جيڪي رعايتون ڏنيون ويون اُھي ھڪ سواليھ نشان آھن. ھن چيو تھ پي ٽي آءِ ھاڻي رڳو سوشل ميڊيا جي پارٽي ٿي وئي آھي، اڄ سوشل ميڊيا تي افواھھ ڦھلايا پيا وڃن تھ ماڻھو گھرن کان ٻاھر نھ نڪرن، ماڻھن کي ڊيڄاريو پيو وڃي، عوام کي گذارش ڪريان ٿو تھ افواھن تي ڌيان نھ ڌرين. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت پنھنجي شھرين جي آزادي سان چرپر جو پورو قانوني تحفظ ڪندي، پر اھو واضح ڪجي ٿو تھ جيڪڏھن ڪنھن بھ قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي تھ اُن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ جيڪڏھن ڪنھن کي پرامن احتجاج ڪرڻو آھي تھ حڪومت اُن کي قانون موجب سھولت ڏيندي پر لاقانونيت ڦھلائڻ وارن کي قانون موجب منھن ڏنو ويندو. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ چونڊن ۾ مقابلو ٿيندو آھي ۽ سمورين پارٽين کي اليڪشن ۾ شفاف طريقي سان حصو وٺڻ گھرجي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ اصولن کي سياست ڪرڻ وارا ئي ڪامياب ٿيندا آھن، ڪنھن جي کٽڻ سان ھارائڻ جو فيصلو عوام ڪندو آھي، پيپلز پارٽي اليڪشن ۾ ڀرپور نمومني حصو وٺندي، فيصلو عوام ڪندي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ شاھھ محمود قريشي جي پراڻي خواھش اڄ پوري ٿي وئي آھي تھ ھُو ڪنھن پارٽي جو سربراھھ بڻجي، اڄ ھُو ملتان ۾ مٺائي ورھائيندو ھو. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ پيپلز پارٽي جي خلاف سدائين چونڊ اتحاد جڙندا رھيا آھن. پيپلز پارٽي مھانگائي باوجود عوام کي رليف ڏئي رھي آھي، پيپلز بس سروس ۾ مسافرن کي سستي ترين سفري سھولتون ڏنيون پيون وڃن، سرڪاري اسپتالن ۾ مفت علاج ڪيو پيو وڃي ۽ رليف جا ٻيا منصوبا بھ پوري رفتار سان جاري آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو