لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ پوليس زمان پارڪ ڏانهن ويندڙ سمورا رستا کوليا،انتظاميا زمان پارڪ اندر ۽ ٻاهر قائم ڪيمپون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون.پوليس زمان پارڪ جي چوڌاري روڊن تي رکيل ڪنٽينرز کي به هٽائي ڇڏيو، جڏهن ته صاف ڪيل گرين بيلٽ تي نوان ٻوٽا پڻ لڳايا ويا.زمان پارڪ جي چوڌاري پوليس جي وڏي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.










