عدالت پاران ڪوهيڙي سبب تعليمي ادارن جون موڪلن ۾ واڌ

عدالت پاران ڪوهيڙي سبب تعليمي ادارن جون موڪلن ۾ واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ سموگ سبب اسڪولن ۽ ڪاليجن جي موڪلن ۾ وڌيڪ واڌ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سموگ جي خاتمي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت وڌيڪ 7 ڏينهن اسڪول ۽ ڪاليج بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته سموگ سبب موڪلن ۾ واڌ ڪئي وڃي، سموگ تي چڱي ريت ڪنٽرول آهي، ان کي روڪڻ حڪومت جي ذميواري آهي.جنهن بعد عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي پي ڊي ايم اي کي طلب ڪندي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو