لاهور جي ڪوئٽا کي 9 رنز تان شڪست، فخر جي سينچري

لاهور جي ڪوئٽا کي 9 رنز تان شڪست، فخر جي سينچري

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور قلندرز، ڪوئٽا گليڊئيٽرز کي دلچسپ مقابلي بعد 9 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. شاهين آفريدي ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سندن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو. فخرالزمان 6 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 51 بالن تي 103 رنز ٺاهي عثمان طارق ڪي بال تي شامل حسين هٿان ڪيچ ٿيو. محمد فاروق 4 رنز ٺاهي خليل احمد جي بال تي بولڊ ٿيو،عبدالله شفيق14، چيراٿ اسلانڪا 31، سڪندر رضا5، ڊين.ل سيمز 18، شاهين 8 رنز ٺاهيون. خليل احمد 38 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون، ابرار 43 رنز عيوض، هڪ، عثمان طارق 31 رنز بدلي هڪ ۽ بريٽ هيمپٽن 2 اوورن ۾ 32 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، حسن نواز 2 اوور ۾ 27 رنز ڏنيون کيس وڪيٽ نه ملي. جواب ۾ ڪوئٽا جي ٽيم 20 اوورن ۾7 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنز ٺاهي سگهي. شامل حسين ۽ رائلي روسو ففٽيون اسڪور ڪيون پر سندن ٽيم کٽي نه سگهي، شامل 53، روسو62 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، سعود شڪيل 17، حسن نواز زيرو، خواجا نافع 12، بيون جيڪب 2، بريٽ هيمپٽن7 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، ابرار 24 ۽ الزاري جوزف 3 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. حارث رئوف 2، شاهين، عبيد شاهه، سڪندر رضا ۽ اسامه مير هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڪوئٽا 9 ميچ کيڏي چڪي ءٌ پوائنٽس سان پنجين نمبر تي آهي، لاهور 8 ميچز ۾ 4 کٽڻ بعد چوٿين نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو